اسلام آباد (بيورو) سنڌ حڪومت جي ايس ٽي جي خدمتن تي اوڳاري جا اختيار ايف بي آر جي حوالي ڪرڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ذريعن موجب ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبائي وزيرن ۽ آءِ ايم ايف عملدارن وچ ۾ پروگرام تي ڳالهيون ٿيون ذريعن موجب ناڻي وزارت جي ٽيڪسن ۾ واڌ جي قدمن تي ڏکيائين تي صوبن کي ڳالهين ۾ شريڪ ڪيو ويو سنڌ حڪومت جي ايس ٽي جي خدمتن تي اوڳاڙي جو اختيار ايف بي آر جي حوالي ڪرڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ذريعن موجب وڏي وزير خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ذريعن ٻڌايو ته ناڻي وزارت نٿي چاهي ته ميڊيا صوبائي وزير خزاني سان آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي کان راءِ وٺن پوليس عملدارن ٻڌايو ته ناڻي وزارت جي هدايت تي ميڊيا جي پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ داخل تي پابندي مڙهي ويئي. ٻئي طرف فسڪل ڪوآرڊينِشن ڪميٽِي صوبن لاءِ السينيٽو گرانٽ جي منظوري ڏيئي ڇڏي وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪتر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ فسڪل ڪوآرڊينيشن ڪميٽِ (ايف سي سي) جو اجلاس هتي ڇنڇر تي ٿيو اجلاس ۾ ايف سي سي جي پبلڪ فنانس مئنجمينٽ ريفارمز جي پرفارمنس فار رزلٽ پروگرام جي ماتحت ڪميٽي جي تحت صوبن جي گرانٽ سسٽم جو جائزو ورتو ڪميٽي ماتحت ڪميٽي ڪميٽي جي تجويز تي صوبن لاءِ السينيٽو گرانٽ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي جيئن وڌيڪ ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ان حوالي سان صوبن جي صلاح مشوري سان جيڪڏهن ضروري ٿيو ته طريقيڪار ۾ تبديلي ٿي سگهندي وفاقي حڪومت صوبن کي گرانٽس فراهم ڪري ٿي جيڪا السنيٽو گرانٽ سسٽم تحت ڪئي وڃي ٿي جنهن جو مقصد پبلڪ فنانسن مئنجمينٽ، سماجي شعبي جي ترقي ۽ خاص ڪري صحت ۽ تعليم جي شعبن جي ترقي کي يقيني بنائڻ آهي اجلاس ۾ جنوري کان جون 2018 لاءِ اين ايف سي ايوارڊ جو به جائزو ورتو ويو ۽ پارليمان ۽ صوبائي اسيمبلين کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به منظوري ڏني ويئي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير، پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ناڻي وزير سميت صوبن جي ناڻي وزارت جي عملدارن ۽ آزاد ڪشمير جي عملدارن به شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ناڻي جي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته رضا باقر سميت سٺن ماڻهن سان رابطا ڪري رهيا آهيون اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جلد ٿي ويندو صوبن پنهنجون تجويزون ڏيئي ڇڏيون آهن ايندڙ بجيٽ ۾ تجويزن تي غور ڪيو ويندو ڇنڇر تي ميڊيا سان عير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عبدالحفيظ شيخ چيو ته جيڪي سٺا ماڻهو آهن انهن کي واپس آندو پيو وڃي رضا باقر سميت جيڪي سٺا ماڻهو آهن انهن سان رابطا ڪري رهيا آهيون هن چيو ته آءِ ايم ايف سان صوبن ۽ وفاقي نمائندن ملاقات ڪئي آهي هن ٻڌايو ته فسڪل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو آهي هن چيو ته صوبن پنهنجون تجويزون ڏنيون آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ معاشي انگ اکر ڏنا ويا آهن هن چيو ته ٽيڪس اڳاڙيون وڌائڻ تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي انهن تجويزن تي ايندڙ بجيٽ ۾ غور ڪيو ويندو حفيظ شيخ چيو ته بجيٽ خساري جو اثر وفاق ۽ صوبن تي پوي ٿو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟