ايڊز جو مرض بي قابو، وڌيڪ 19 ماڻهن ۾ بيماري جي تصديق

0Shares

رتوديرو (ن هه) رتيديري ۽ ڀرپاسي وڌيڪ 19 ڄڻن ۾ ايڊز جي تصديق، انگ 166 ٿي ويو رتوديرو تعلقه اسپتال ۾ اٺين ڏينهن به ايڇ آءِ وي بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ جاري رهي، وڌيڪ 16 رپورٽون پازيٽيو آيون، 300 کان وڌيڪ ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 16 جا ريورٽ پازيٽيو آيا، ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 166 ٿي ويو، ماڻهن ۾ خوف حراس ڇانيل، متاثر مريضن پاران حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان فوري طور علاج ڪرائڻ سان گڏ بيماري جي خاتمي لاءِ بهتر قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي وئي. ٻئي طرف صحت کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 4 هزار 102 ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي 157 ماڻهن کي ايڊز جي تصديق ٿي آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں