انگلينڊ خلاف ٽيم جي تياري تمام سٺي آهي: سرفراز احمد

0Shares

لنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ تياري تمام سٺي آهي. قومي ٽيم هن وقت انگلينڊ ۾ موجود آهي جتي هو اڄ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ ڪارڊف جي صوفيا گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي. قومي ٽيم انگلينڊ خلاف ون ڊي ۽ هڪ پريڪٽس ميچ کٽي چڪي آهي. انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ محمد عامر کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ياسر شاهه کي آرام ڏنو ويندو. ڪارڊف ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ تياري تمام سٺي آهي، ٽيم سيريز کان اڳ ٻه ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ٽوئر ميچ کيڏي جنهن ۾ هينئر تائين بالرن، بيٽسمين ۽ فيلڊرن سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. سرفراز احمد چيو ته مان تمام گهڻو پراميد آهيان ته پهرين ٽي 20 ۾ سٺي پرفارم ڪنداسين. هن چيو ته عالمي ڪپ کان اڳ سمورو ڌيان انگلينڊ خلاف 5 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز تي آهي. 06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں