شهباز سينيئر جي استعيفيٰ منظور، آصف باجوه نئون سيڪريٽري پي ايڇ ايف نامزد

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري شهباز سينئر جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي ۽ هن جي جاءِ تي اڳوڻي سيڪريٽريآصف باجوا کي پي ايڇ ايف جو نئون سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو آهي. هو سومر کان ذميواريون سنڀاليندو. صدر پي ايڇ ايف خالد سجاد کوکر ان ڳالهه جو اعلان ڪيو. صدر پي ايڇ ايف چيو آهي ته شهباز سينيئر ساڍا ٽي سال مونسان گڏ ڪم ڪيو آهي، هاڻي هو پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿي ويو آهي ۽ اسان هن جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. شهباز سينيئر جي جاءِ تي آصف باجوا هاڻي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جا معاملا ڏسندو.06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں