اسلام آباد (بيورو) پيٽرول 9.35 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 4.89 رپيا في ليٽر مهانگا. تفصيل موجب اي سي سي پاران پئٽرول جي قيمت 108 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پيٽرول جي قيمت 9.35 رپيا واڌ سان 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن موجب لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 40 پئسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 7 رپيا 46 پئسا في ليٽر واڌ ڪرڻ جي منطوري ڏني وئي. سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو ته مهانگائي هڪ مسئلو آهي جنهن تي حڪومت پريشان آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، معاملا جلد حل ٿي ويندا. نوان اگهه 7 مئي تي ڪابينا جي منظوري بعد لاڳو ٿيندا، وزارتن جي سپليمينٽري گرانٽ ۽ پنجاب رينجرز لاءِ ضمني گرانٽ جي سمري منظور ڪئي وئي ٻئي طرف وزيراعظم جي ناڻي جي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ واضح ڪيو ته تيل جي قيمت ڪنترول ڪرڻ حڪومت جي هٿ ۾ نه آهي آءِ ايم ايف سان معاملا جلد طئي ٿي ويندا جنهن کان پوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي دنيا ۾ ڪوبه ملڪ اڪيلي سر ترقي نٿو ڪري سگهجي گڏجي هلڻو پوندو جمعي تي تقريب کي خطاب ڪندي حفيظ شيخ چيو ته حڪومت خرچ گهٽائڻ لاءِ مضبوط قدم کنيا آهن هن چيو ته امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ توازن آڻڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ اڪيلي سر ترقي ناهي ڪئي موجود وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ ڪوشان آهيون هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن معاملا جلد حل ٿي ويندا حفيظ شيخ چيو ته پي ٽي آءِ جي منشور موجب اقتصادي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون هن چيو ته احساس پروگرام تحت ڏتڙيل طبقن کي اڳيان آندو ويندو هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جوڙيندو هن چيو ته نئين بجيٽ ۾ خرچ ۽ آمدني جي فرق کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا هن چيو ته گذريل 13 سالن ۾ ڪابه ڪمپني خانڳائي ناهي ويئي منهنجي دور ۾ 34 ڪمپنيون خانڳايون ويون حفيظ شيخ چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پهريان کان موجود سيڙپڪارن سان هاڪاري رويو اختيار ڪرڻو پوندو. حفيظ شيخ چيو ته مهانگائي هڪ مسئلو آهي جنهن تي حڪومت پريشان آهي. هن چيو ته 13 سالن ۾ ڪنهن به اداري جي نجڪاري ناهي ڪئي وئي. 04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟