اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي جمعي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طبي بنيادن تي ضمانت بابت نطرثاني درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس سجاد علي شاهه بئنچ جو حصو هئا ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث کي چيو ته اوهان جي اصيل وٽ ڪيترائي آپشن آهن اسان کي ڏسڻو آهي ته اوهان جي نطرثاني اپيل ٻڌي سگهجي ٿي يا نه چيف جسٽس چيو ته اوهان ڇا چاهيو ٿا 6 هفتن کان اڳ ئي نوازشريف کي رليف ملي چيف جسٽس چيو ته عدالت 6 هفتن جو واضح فيصلو ڏنو هن کان اڳ ڪيئن ڪوئي رليف ڏئي سگهجي ٿو خواجه حارث چيو ته فيصلو پاڻ چوي ٿو ته گرفتاري ڏيڻ بنا ضمانت ۾ واڌ جي درخواست نٿي ڏيئي سگهجي چيف جسٽس چيو ته اهو ئي فيصلو هو خواجه حارث چيو ته عدالت جيڪو فيصلو زباني ٻڌايو ان ۾ تبديلي ڌرين کي ٻڌڻ بنا نٿي ٿي سگهي چيف جسٽس چيو ته نه قانون ان جي ابتڙ آهي صحيح کان اڳ عدالت لکت فيصلي کي به تبديل ڪري سگهي ٿي پر اوهان لاءِ سمورا رستا کليل آهن جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته فيصلي کان اڳ جيڪو ڪجهه چيو ويو فيصلو نه اها عدالتي آبزرويشن هئي چيف جسٽس چيو ته 6 هفتن کان پوءِ اوهان لاءِ سمورا آپشن موجود آهن خواجه حارث چيو ته اوهان جي فيصلي موجب نوازشريف کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃڻ کان اڳ گرفتاي ڏيڻ لازمي آهي هن چيو ته هي فيصلو ٺيڪ نه آهي ته ڇهن هفتن کان پوءِ جيڪا به طبي صورتحال هجي گرفتاري ڏيڻ ضروري آهي چيف جسٽس چيو ته هي پورو پئڪيج آهي جيڪو اوهان کي مليو آهي خواجه حارث چيو ته اوهان جا ريمارڪس اخبار ۾ ڇپيل آهن ته هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو چيف جسٽس چيو ته اوهان جي اصيل وٽ حل موجود آهي فائدو وٺي سگهي ٿو چيف جسٽس چيو ته اوهان ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ اجازت گهري آهي خواجه حارث چيو ته واڌ جي درخواست انهيءَ ڪري ڏني جو ضمانت جو مدو ختم ٿي رهيو آهي هن چيو ته اجازت ڏني وڃي ته گرفتاري کان سواءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهجي نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث عدالت کان وڌيڪ 8 هفتن لاءِ ضمانت ۾ واڌ جي اپيل ڪندي چيو ته 8 هفتن کان پوءِ نوازشريف جي طبي صورتحال ڏسي عدالت فيصلو ڪري، خواجه حارث چيو ته عدالتي آبزرويشن کي مختلف اخبارن به رپورٽ ڪيو آهي هن چيو ته 7 مئي تي سپريم ڪورٽ پاران ڏنل ضمانت جو مدو ختم ٿي رهيو آهي چيف جسٽس چيو ته ڪوبه حڪم ان وقت نه ڏنو ويو هو فيصلو محفوظ ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌايو ويو خواجه حارث چيو ته زباني فيصلي ۾ ڦيرڦار ڌر کي ٻڌڻ بنا نٿي ڪري سگهجي هن چيو ته عدالت هڪ فيصلي ۾ آبزرويشن تي نطرثاني ڪئي هئي خواجه حارث چيو ته منهنجي اصيل جي طبيعت خراب آهي ضمانت ۾ واڌ ڏني وڃي. خواجه حارث چيو ته مان به ڄاڻان ٿو ته صحيح کان سواءِ زباني حڪم جي ڪائي حيثيت نه آهي خواجه حارث چيو ته منهنجي مئوڪل جي حالت خراب ٿي رهي آهي خواجه حارث چيو ته ميڊيڪل رپورٽس موجب انجيو گرافي جي ضرورت آهي چيف جسٽس چيو ته انجيو گرافي لاءِ هڪ ڪلاڪ گهربل هوندو آهي اسان 6 هفتا ڏنا خواجه حارث چيو ته عدالت هڪ فيصلي ۾ آبزرويشن تي نظرثاني ڪئي هئي خواجه حارث چيو ته ميڊيڪل رپورٽن مطابق نوازشريف ڪيترين ئي بيمارين ۾ ورتل آهي چيف جسٽس چيو ته ڇا ان ڪو علاج ڪرايو آهي ۽ ڇا علاج ڪرايو خواجه حارث چيو ته هائو علاج ڪرايو آهي ۽ رپورٽس مطابق صحت وڌيڪ خراب ٿي ويئي آهي چيف جسٽس چيو ته يعني ضمانت ملڻ سان نوازشريف جو نقصان ٿي ويو چيف جسٽس جي ريمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪ ٻڌا ويا خواجه حارث چيو ته عدالتي فيصلي درخواست گذار کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو خواجه حارث چيو ته درخواست گذار کي رضاڪارانه طور تي 6 هفتن کان پوءِ گرفتاري ڏيڻ جو عدالت چيو خواجه حارث چيو ته اوهان هاءِ ڪورٽ کي به اسان 6 هفتن کان پوءِ ٻڌڻ جي پابندي هڻي ڇڏي خواجه حارث چيو ته ميڊيڪل رپورٽس عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي خواجه حارث رپورٽ پڙهي ٻڌائي. چيف جسٽس چيو ته 6 هفتا صرف ٽيسٽ تي ڏنا ويا اسان ته ضمانت ان جي علاج لاءِ ڏني هئي عدالت ٻاهرين ملڪ ڊاڪٽر عدنان جي نواز شريف سان خط ۽ ڪتابن تي سوال اٿاري ڇڏيو چيف جسٽس چيو ته ڇا سزا جي معطلي ۽ ضمانت تي آزادي ڪائي اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي اهڙا مثال موجود آهن جتي موت جي سزا وارن قيدين کي به عدالت طبي بنيادن تي سزا معطل ڪئي آهي چيف جسٽس چيو ته خبر نه آهي هر شئي کي سياسي رنگ ڇو ڏنو وڃي ٿو هر ڳالهه تي عدالت جي تذليل جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي دليلن دوران خواجه حارث عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ نوازشريف کي ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي ٻڌڻي ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟