وزيراعظم صدارتي نظام بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون، ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون ٿينديون: عمران خان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام بابت خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته صدارتي نظام بابت ڪائي سوچ ويچار ئي موجود نه آهي اپوزيشن دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اين آر او نه ملندو اسد عمر اڄ به پي ٽي آءِ جو حصو آهي هو زبردست ماڻهو آهي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  صدارتي نظام بابت ڪابه سوچ ويچار نه پئيڪئي وڃي وزياعظم کان سوال ڪيو ويو ته اڻ چونڊيل ماڻهو ڪابينه ۾ آيا آهن تنهنڪري صدارتي نظام جو تاثر اڀريو ان تي وزيراعظم چيو ته ماهرن جي ضرورت پوندي آهي تنهنڪري اڻ چونڊيل ماڻهن کي ڪابينه ۾ شامل ڪيو هن چيو ته جتي ماهر ماڻهو نه هوندا اتي ٽيڪنيڪل ماڻهو رکنداسين. وزيراعظم کي تبديل ڪرڻ جو مقصد صرف بيٽنگ آرڊر تبديلڪرڻ آهي عمران خان چيو ته ڏسڻو پوندو ته قانونسازي لاءِ پيش ڪيل بلن تي اپوزيشن ڪيترو ساٿ ڏي ٿو پيش ڪيل بلن جو تعلق سياست سان نه پر عوام سان آهي جيڪڏهن اپوزيشن بلن جي منظوري ۾ ساٿ ڏي ته وڏي ڳالهه ٿيندي اپوزيشن جمهوريت جي نالي تي پنهنجي چوري لڪائي رهي آهي هي ماڻهو پاڻ وائکا ٿي ويندا. وزيراعطم هڪ دفعو ٻيهر اين آر او بابت ترديد ڪندي چيو ته مخالف ڌر دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اين آر او نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جو معاشي اينڊيڪيٽرز ڏسي رهيو اهي ڏکئي وقت کان پوءِ سڄا ڏينهن اچڻا آهن اسان پنجن سالن ۾ عوام کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي وزيراعظم صحافين سان ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي به موجود هو. وزيراعظم چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون ٿينديون، جيڪو وزير ڪارڪردگي ڏيکاريندو، اهو رهندو، ٻين کي وڃڻو پوندو، جتان جتا سٺا ماڻهو ملندا، انهن کي ڀرتي ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته جتي ماهر ماڻهو ناهن، اتي ٽيڪنيڪل ٽيم آڻي رهيو آهيان، ٽيم ۾ تجربيڪار ماڻهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، اسد عمر تحريڪ انصاف جو قيمتي اثاثو آهي، اهو تمام جلد وفاقي ڪابينا ۾ واپس اچي ويندو، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندس. هن چيو ته ماضيءَ جي حڪمرانن جيان مرضيءَ جا فيصلا ڪرائڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نه پيو وڌو وڃي، ملڪ ۾ ميرٽ جا بخيا اڊيڙيا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں