قانون لاڳو ڪندڙن سميت سمورا رياستي ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن: بلاول

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت لاءِ صحافت جي آزادي تمام ضروري آهي، پاڪستان۾ صحافت جي آزادي تي غير اعلانيه پابندي آهي، ميڊيا کي هڪ يونيفارم باڊي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي بابت سپريم ڪورٽ احڪامات تي عملدرآمد ڪرائڻ کان بغير ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ممڪن ناهي، قانون نافذ ڪندڙ ادارن سميت تمام رياستي ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن ڪراچي يونين آف جرنلسٽ پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪوٺايل پروگرام ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين پي پي اڳواڻن کان علاوه مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ سينيٽر مشاهد الله خان، سينيئر صحافي آءِ اي رحمان، محمود شام، انور ساجدي، بابر جمال ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. پروگرام ۾ اچڻ تي ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر مهمان خصوصي بلاول ڀٽو زرداري کي گلدستو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ پيش ڪيو. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪراچي پريس ڪلب آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا جڏهن ته ليڊي پوليس اهلڪارن جو خصوصي دستو پڻ مقرر ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي پريس ڪلب پي پي جو ٻيو گهر آهي، مون کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي. ڪراچي پريس ڪلب سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي پليٽ فارم ڏنو. هن چيو ته جمهوريت لاءِ صحافت جي آزادي تمام ضروري آهي پر پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي تي اڻ اعلانيل پابندي لڳل آهي. پاڪستان صحافين لاءِ غير محفوظ ملڪ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته صحافين کي قتل ڪيو ويندو آهي پر جوابدار پڪڙيا ناهن ويندا، خطاب دوران هڪ موقعي تي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اردو ۾ خطاب ڪري رهيو آهيان، اسد عمر ته ناهي جو اعتراض ڪري. هن چيو ته صحافت جي آزادي رياست جو اهم ٿنڀ آهي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان انهن صحافين جو جن مون کي هن اهم موقعي تي دعوت ڏني. آرٽيڪل 19 تحت هر پاڪستاني شهري کي حق حاصل آهن، پاڪستاني ميڊيا تي راتاهو آهي، جمهوري قوتن کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ انساني حقن جي پائمالي عام آهي، صحافي پنهنجي فرضن جا ادائيگي دوران شهيد ٿيا، صحافت تي نان اسٽيٽ ايڪٽرز پاران دٻاءُ آهي، صحافين کي شهيد ۽ اغوا ڪندڙن کي اڄ ڏينهن تائين سزائون ناهن مليون، پاڪستان ۾ صحافين جي قتل عام جي روڪٿام لاءِ قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي، قانون ٺهڻ سان گڏ ان تي عملدرآمد به ٿيڻ تمام ضروري آهي. پيپلز پارٽي انساني حقن لاءِ هميشه آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته کليل انصاف هجڻ گهرجي، انساني حقن جي حق تلفي نه ڪئي وڃي، راءِ جي آزادي لاءِ پارلياماني ڪميٽي هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري تقرير دوران ”بول ڪي لب آزاد هين تيري، بول زبان اب تڪ تيري هي، بول ڪي سچ زنده هي اب تڪ، بول ڪي ڪڇ ڪهنا هي“ شعر پڙهي ٻڌايا ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏ بيٺل رهندي. پي پي چيئرمين چيو ته اظهار جي آزادي صرف صحافين لاءِ نه پر هر پاڪستاني  جو حق آهي ۽ هي حق تمام حقن کان مٿانهون آهي، صحافين کي ڊيوٽين دوران قتل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ٻڌائڻ کان بغير سنسر شپ لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪجهه چئنلز تي تازو ئي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪجهه قوتون سڄي ميڊيا کي هڪ يونيفارم باڊي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. اين جي اوز به پاڪستان ۾ خطري هيٺ آهن. ان کان پهريان تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرا دعلي شاهه چيو ته صحافت هاڻي چوٿون ٿنڀ نه پر پهريون ٿنڀ بڻجي ويو آهي جڏهن سڀ آوازون بند ٿي وينديون آهن ته صحافين جي جدوجهد شروع ٿيندي آهي. هن چيو ته مستحڪم جمهوريت ۾ آزاد صحافت جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ آزاد صحافت جو متحرڪ هجڻ لازمي آهي، اسان صحافت جي آزادي ۾ يقين رکون ٿا. هن چيو ته آمريت خلاف صحافي برادري هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته جيڪي پيسجي رهيا آهن ۽ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن تاريخ ۾ اهي ئي زنده رهندا آهن. ماضي ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي، صدارتي نظام هن ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪيو، صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪن ٿا پر مسئلي جو حل نٿا ڪڍن. 18هين ترميم ان ڪري ختم ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن پر اهو مسئلي جو حل ناهي ته 18هين ترميم کي ختم ڪيو وڃي، هن ملڪ جي عوام ۽ جمهوري پارٽي اهڙي عمل کي هرگز قبول نه ڪندي. هن چيو ته صحافين ۽ ٻين طبقن تي جيڪو هن وقت ظلم ڪري رهيو آهي اهي ماضي جو حصو بڻجي ويندا. هن چيو ته آئون صحافي مخالف قوتن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان صحافين تي ظلم ۽ جبر ته ڪري سگهو ٿا پر انهن جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهو. مشاهد الله چيو ته منظور پشتين سان هڪ دفعو ملاقات ٿي ڪجهه ماڻهو غلط ٿي سگهن ٿا پر پي ٽي ايم جي پٺيان عوام آهي انهن سان ڳالهيون ڪريو، طاقت جي بنياد تي کٽي نٿا سگهو. هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندڙن ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چوڻ چاهيان ٿو ته ميڊيا رياست جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا کان بغير رياست نٿي هلي سگهي. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سينيئر صحافي حسين نقي کي ايتري نفرت سان عدالت ۾ مخاطب ڪيو. هن ملڪ جي وڏي بدقسمتي آهي جو ثاقب نثار جهڙا جج رهيا، ثاقب نثار جهڙو ماڻهو پڇي ته حسين نقي ڪير آهي، هن چيو ته صحافين جو ڪم ڳالهائڻ آهي هي معاشري جي سماجي براين ۽ ناانصافين کي اجاگر ڪندو آهي. تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته تمام گهڻو صحافين سچ ڳالهايو آهي، سچ ڳالهائڻ مشڪل ناهي پر سچ ڳالهائي قيمت ادا ڪرڻ وڏو ڪم آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو کي خبر هئي ته قرباني ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، محترمه اڄ به زنده آهي ان جو پٽ هن جي شڪل ۾ اسان سان گڏ موجود آهي. سينيئر صحافي آءِ اي رحمان چيو ته مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي، هن وقت نيوز پيپر پبلڪ اينڊ پبلشر آرڊيننس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ پيمرا ۽ سوشل ميڊيا لاءِ سائبر ڪرائيم موجود آهن ڊڪلئريشن کان انڪار ڪرڻ حق تلفي آهي ڊڪليئريشن صرف اسان جو حق ناهي پر جيڪي ميڊيا ۾ ڪم ڪن ٿا اهو هر ماڻهو جو حق آهي، پريس ۽ ميڊيا جي جيڪا اڄ حالت آهي اها پهريان نه هئي. پاڪستان جا سياستدان ئي پاڪستان کي هلائي سگهن ٿا. پاڪستاني پارٽيون پاڪستان ۾ تبديلي جون انجمن آهن. هن چيو ته عوامي حقن جي ويڙهه آهي جنهن لاءِ اسان کي اٿڻ گهرجي. سينيئر صحافي محمود شام چيو ته ميڊيا ايترو منافعو ڏيندڙ ڪاروبار آهي جو بيڪرين وارا ايڊيٽر انچيف بڻجي رهيا آهن. ڪراچي پريس ڪلب هر مظلوم کي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، شهيد بينظير ڀٽو به پنهنجو ڏک ۽ غم ورهائڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آئي، حڪمرانن جا دروازا عوام جي مسئلن جي لاءِ کليل هجڻ گهرجن، ميڊيا ۾ ملازمتون غير محفوظ آهن، پهريا لفافا بدنام هئا هاڻي بنگلي جي ڳالهه ٿئي ٿي، پاڪستان ۾ هن وقت نه ئي 21هين صدي جي ليڊر شپ آهي نه ميڊيا، حڪمراني بدتر ٿيندي پئي وڃي جيستائين ميڊيا جون حالتون ٺيڪ نٿيون ٿين آئنده ايندڙ ٽي وي چئنلن کي لائسنس جاري نه ڪيا وڃن. ميڊيا ۾ پگهارون ڪم ۽ اهليت جي بنياد تي ڏنيون وڃن. ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر اشرف خان پارليامينٽرين کان مطالبو ڪيو ته هو صحافين جي جبري برطرفين خلاف قرارداد پاس ڪرائين. هن چيو ته مختلف ادارن مان 412 صحافي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي ۽ صحافين جون  40 سيڪڙو پگهارون گهٽ ڪيون ويون آهن. تقريب کي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مختلف شخصيتن، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن به خطاب ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں