پي ٽي ايم پاڻ مسئلو ناهي، ڪجهه ماڻهو غيرن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن: آرمي چيف

0Shares

پشاور(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور جو دورو ڪيو، پاڪ فوج جي سربراهه پشاور ڪور جي آڊيٽوريم ۾ يونيورسٽين جي شاگردن سان ڳالهيون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه پشاور جو دورو ڪيو جتي هن پشاور ڪور جي آڊيٽوريم ۾ شاگردن سان ڳالهيون ڪيون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي ايم پاڻ مسئلو ناهي، پي ٽي ايم جا ڪجهه ماڻهو غيرن جي هٿن ۾ پيا کيڏن. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته پرڏيهه کان مدد وٺندڙ ڪجهه ماڻهو مقامي آبادي جي جذبن سان کيڏي رهيا آهن، جيڪي دهشتگردي جا متاثر آهن، جڏهن ته سڀني دشمن قوتن ۽ انهن جي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تعليم جو اهم ڪردار آهي، نوجوان قوم جو مستقبل آهن ۽ پاڪستان نوجوانن جو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي قدر متحرڪ ۽ ذهين نوجوانن سان نوازيو آهي، ملڪ جو مستقبل اهڙن ئي نوجوانن سان واڳيل آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم ڪم انجام ڏنو آهي، هاڻ ان عظيم ڪم جا فائدا سماجي ترقي جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ جو وقت آهي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پشتون تحفظ موومينٽ پاڻ ڪو به مسئلو ناهي، آپريشن کانپوءِ جيڪي مسئلا اجاڳر ڪيا پيا وڃن، اهي حقيقي ۽ فطري آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي متاثرن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز قبائلين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، اسان لاءِ سماجي ۽ معاشي ترقي ذريعي پائيدار امن پهرين ترجيح آهي. آءِ ايس پي آر موجب شاگردن پاڪ فوج جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن به گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۾ نه اينداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں