مهمند (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر تي ڇتي تنقيد ڪندي هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آيه ته اين آر او ڏنو ته هي منهنجي پنهنجي قوم سان غداري ۽ الله سان بي وفائي ٿيندي ملڪ کي هلائيندڙ چوي ٿو ته علاج لاءِ ٻاهر وڃڻو آهي حڪومت جو ڪم پنهنجن ماڻهن جي بهتري آهي ڪرسي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿئي قبائلي نوجوانن کي ڀڙڪائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ مان سازش ٿي رهي آهي جڏهن انهن علائقن ۾ نوجوانن جي مدد نه ڪئي ويئي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيندو چين ۾ ڪيترائي هزار ڊيم آهن اسان کي به ان جي ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺڻ گهرجي ساڍا 4 ارب رپيا رڳو مهمند ضلعي ۾ خرچ ڪيا ويندا ڊيم ٺاهڻ سان مقامي ماڻهن کي نوڪريون به فراهم ڪيون وينديون دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو خميس تي وزيراعظم عمران خان 800 ميگاواٽ جي مهمند ڊيم جو پيڙهه جو پٿر رکيو سوات درياهه تي منڊا هيڊ ورڪس جي هنڌ وٽ مهمند ڊيم جي پيڙ جي پٿر رکڻ جي تقريب ۾ اڳوڻو چيف جسٽس جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين سميت ٻين شرڪت ڪئي پشاور کان 37 ڪلوميٽر اتر ڏانهن مهمند ضلعي ۾ واقع مهمند ڊيم ۾ ڪل 12 لک 93 هزار ايڪڙ فوٽ پaي گڏ ڪرڻ جي گنجائش هوندي جنهن جي تعمير سان سيلاب جي نقصانن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي ڊيم جي اڏاوت لاءِ ڪل لاڳت 291 ارب رپيا آهي جنهن جي مٿانهين 213 ميٽر يعني 698.82 فوٽ مٿي هوندي جنهن سان روزانو 800 ميگاواٽ ۽ ساليانو 2862 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ڊيم جي کاٻي ۽ ساڄي طرف نرڪندڙ نهري نظام سان مهمند ضلعي جي ڪل 16687 ايڪڙ بنجر زمين پوکي جي لائق ٿي سگهندي ڊيم ٺهڻ سان چارسده ضلعو ۽ نوشهرو جا وڌيڪ علائقا موسمي ٻوڏ کان محفوظ ٿي ويندا مهمند ڊيم جو منصوبو 5 سالن ۾ مڪمل ٿيندو يعني 2024 تائين هي تيار ٿي ويندو. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم پاڻي وسيلن جي وزير جو ذڪر ڪندي چيوت ه هو پنهنجي جارحاڻي تقرير ۾ ڊيم جي ڳالهه ڪرڻ ئي وساري ويٺو ۽ سموري تقرير ڪنهن ٻئي عنوان تي ڪري ڇڏي ان تي مان رڳو ايترو چوڻ پسند ڪندس ٻاهر کان وڌيڪ اندران خطرو آهي وزيراعظم عمران خان اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کي ڊيم فنڊ شروع ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عدليه جو ڪم نه آهي ته هو ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري پر ميان ثاقب نثار حڪمرانن جي گهٽ ڌيان جي ڪري هي قدم کنيا هن چيوت ه وزيراعظم پاڪستان واڌي تيره ۾ ويو جتي هڪ ئي اهڙي واڌي آهي جتي انگريز به حڪومت نه ڪري سگهيو ۽ اتان ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو وزيره تيره سميت سڄي خيبر ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ تي فوجي کي خراج تحسين پيش ڪيو وزيراعظم چيو ته مان سڀ کان وڌيڪ قبائلي ضلعن جو دورو ڪيو آهي مان انهن جي سمورين روايتن ۽ تهذيب کي ڄاڻان ٿو ۽ جتي به ويس اتي وڃي ان علائقي جي بدحالي بابت اهو معلوم ٿيو ته هتي تعليم پاڻي صحت ۽ ڪاروبار موجود نه آهي هن چيو ته هي سموري محرومي ڊيم جي نه هجڻ جي ڪري ئي آهي پاڪستان 1960 جي ڏهاڪي ۾ ترقي ڪري رهيو هو ان جو سڀ کان وڏو سبب پاڪستان ۾ ڊيم جي اڏاوت آهي جڏهن ڊيم ٺهيو ته هڪ ڊڪٽيٽر ايوب خان حڪمران هو وزراعظم عمران خ ان چيو ته اڄ اسان سڀ کان پوئتي رهجي ويا آهيون سڄو ننڍو کنڊ اڳتي نڪري ويو آهي. وزيراعطم چيو ته اسان کي احساس آهي ته هتان جي ماڻهن جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ اسان اهي سمورا مسئلا حل ڪنداسين ۽ توهان جون نوڪريون معاشي موقعا جديد ٽيڪنالوجي ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪنداسين وزيراعظم چيو ته هن ملڪ ۾ بيروزگاري ان وقت ختم ٿيندي جڏهن هتي ٻاهرين سيڙپڪاري ٿيندي وزيراعطم چيو ته اسان کي ڪنهن علائقي يا شهر کي ترقي ناهي ڏيڻي پر سڄي ملڪ کي ترقي ڏيڻي آهي ۽ خاص ڪري اسان قبائلي علائقين تي وڌيڪ ڌيان ڏينداسين. وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر ڪرپشن تي ڳالهائيندي چيو ته جڏهن ليڊر پنهنجي سيٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿئي ڪرپشن جي الزامن تي مخالف سياسي انتقام جا نعرا هڻن ٿا ڪوبه قانون کان مٿانهون نه آهي وزيراعطم چيو ته ملڪ عام ماڻهن جي چوري سان نه پر سربراهه جي چوري سان تباهه ٿئي ٿو ٽين دنيا اڄ ان لاءِ آهي جو اتان جي آسرافيا چوري ڪري ٿي. 10 سالن ۾ هن ملڪ جو قرض 6 هزار ارب مان 30 هزار ارب تائين پهچي ويو هن چيو ته اسان جي حڪومت جي ترجيحي هوندي ته جتان ملڪ کي فائدو ٿئي اتان جي عوام کي فائدو ٿئي اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون افغانستان سان واپار لاءِ رستا کولڻ جي قدم کنيا ويندا اولهه ۾ فلاحي رياست جو تصور مديني جي رياست مان ورتو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟