اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورين اپوزيشن پارٽين کي پنهنجي ڪرپشن ظاهر ٿيڻ تي پريشاني آهي ۽ ان ئي بنياد تي موجوده حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ مارچ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي. جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي 23هين يوم تاسيس تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته الله مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ سڀني نعمتن سان نوازيو ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سياست ۾ آيس، اهي جمهوريت بچائڻ جو گوڙ ڪري پنهنجي چوري بچائڻ چاهين ٿا، اسيمبلي ۾ گوڙ ڪرڻ جو مقصد اين آر او حاصل ڪرڻ آهي. هن واضح ڪيو ته اڳوڻي صدر جنيل پرويز مشرف نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي اين آر او ڏنو، جنهن سبب ملڪ جو 6 هزار ارب رپين جو قرض 30 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو پر مان ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس، ڇو ته مان الله کي جوابده آهيان. سندس چوڻ هو ته مديني جي رياست جهڙي سونهري اصولن کان پري رهڻ اسان جي پٺ تي هجڻ جو وڏو سبب آهي، 22 سال حڪمراني ڪندڙ هڪ اسپتال تعمير نه ڪري سگهيا، جتي سندن علاج ممڪن ٿي سگهي، جڏهن هڪ حڪمران چوري ڪندو آهي ته سڄو نظام تباهه ٿي ويندو آهي، مخلص اڳواڻ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ ان جو مثال مهاتير محمد آهي، جنهن جي ڪري ملائيشيا ترقي حاصل ڪئي. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي 23 ورهين جي جدوجهد مثال آهي، سٺو ۽ برو وقت ايندو رهندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو دلبرداشتا ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ڪجهه بيهجي ويندا آهن، هيءَ واحد پارٽي آهي جيڪا ڪنهن شارٽ ڪٽ نه پر مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي ۽ هيءَ پارٽي ئي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندي. وزيراعظم “بلاول صاحبا” واري جملي جي وضاحت ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو صاحب! ڪڏهن ڪڏهن غلطي ٿي ويندي آهي. عمران خان چيو ته جمهوريت بچائڻ جو مطلب ڪرپشن بچائڻ آهي، گوڙ ڪندڙن کي ڪنهن به ريت اين آر او نه ملندو، اسيمبلي ۾ گوڙ ڪندڙ جمهوريت بچائڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، انهن ماڻهن پاران جمهوريت کي بچائڻ جو مطلب پنهنجي ڪرپشن بچائڻ آهي پر انهن کي اين آر او نه ملندو. هن چيو ته هڪ طرف مولانا فضل الرحمان اسان جي خلاف تياري ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف بلاول ڀٽو صاحب اسان جي خلاف ڳالهيون ڪري ٿو، شهباز شريف ويو ته 1100 ارب رپين جو خسارو ڇڏي ويو، نواز شريف علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو، شهباز شريف جي اقتدار ۾ ايندي ئي سندس 11 ڪمپنيون ٺهي وڃن ٿيون پر اهڙي ڪا به اسپتال نه ٺهي، جتي سندن علاج ٿي سگهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مهانگائي آهي ۽ اهو به احساس آهي ته ماڻهو پريشان آهن، عثمان بوزدار ثابت ڪندو ته پنجاب ۾ ان کان بهتر ڪو به وڏو وزير ناهي آيو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جا 23 سال ٻڌائين ٿا ته جدوجهد ڪيئن ٿيندي آهي، 15 سالن تائين ماڻهو مذاق اڏائيندا رهيا ۽ تحريڪ انصاف کي ٽانگا پارٽي ڪوٺيندا رهيا، ڪير سوچي به نه پئي سگهيو ته ملائيشيا پاڪستان کان اڳتي نڪري ويندو، مهاتير محمد کانپوءِ اتي به چور حڪمران اچي ويا، عوام 93 ورهين جي ڄمار ۾ کيس ٻيهر چونڊيو، قائداعظم محمد علي جناح لنڊن جو مهانگو ترين وڪيل هو پر هن 40 سالن تائين جدوجهد ڪئي، اهڙي طرح نيلسن منڊيلا پنهنجي قوم لاءِ 27 سال جيل ڀوڳيو، جڏهن توهان جدوجهد ڪري اڳتي ايندا آهيو ته توهان سٺي ۽ خراب وقت مان گذري ايندا آهيو جدوجهد هڪ قسم جي ٽريننگ هوندي آهي، جيڪا توهان کي مضبوط بڻائيندي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟