نيب گردي کان نه ٿا ڊڄون، احتساب ٿيندو ته سڀني جو، نه ته دمادم مست قلندر ڪنداسين: بلاول

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي معاشي قتل جو مجرم آهي، غريب مهانگائي جي سونامي ۾ ڇڏي رهيا آهن، حڪمرانن کي عوام کان معافي وٺڻي پوندي. ڪراچيءَ جي علائقي دائود چورنگيءَ وٽ پهريئن مئي مزودرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسين پورهيتن جي يونينن کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين، نئين پاڪستان ۾ مزدورن کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام سان اٽي، لٽي ۽ اجهي جو وچن ڪيو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي تلوار ۽ شهيد بينظير ڀٽو تير هئي، اسين مزدورن جي. بلاول ڀٽو چيو ته موٽرويز، هائيويز ۽ عمارتن ۾ پورهيتن جو رت شامل آهي، اڄ مزدورن کان سندن حق کسيا پيا وڃن، پر اسين سندن ٻانهون بڻجنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته روشنين جو شهر ڪراچي پورهيتن جو شهر آهي، اسين سندن حق کسي وٺنداسين، هن چيو ته مزدور ۽ سرمائيدار وچ ۾ سدائين ڇڪتاڻ رهي آهي. هن چيو ته سرمائيدار ڪڻڪ کائي سگهي ٿو پر ڪڻڪ جي بوري پٺيءَ تي کڻي نٿو سگهي. غريبن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن يونين کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. بلاول چيو ته هو شڪاگو جي شهيد مزدورن کي سلام پيش ڪري ٿو، سرمائيدارن سدائين مزدورن جو استحصال ڪيو آهي، اڄ ان استحصال ۾ ٽيڪنالاجي به شامل ٿي وئي آهي. اڄ مزدور ڪپڙا سبي ته سگهن ٿا پر پائڻ لاءِ خريد نٿا ڪري سگهن، اسين اڄ پورهيتن جي ڏهاڙي تي پورهيتن کي گهر ڏئي پنهنجو واعدو پاڙي رهيا آهيون. هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هٽائي تسليم ڪيو ته هو نااهل ۽ ناڪام آهي. وفاقي حڪومت 8 مهينا ضايو ڪري عوام جو معاشي قتل ڪيو. ماڻهو معاشي خرابي سبب مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيا آهن، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڪيل ڊيل کي پارليامينٽ مان منظو رنه ڪرايو ويو ته اسين ان کي نه مڃينداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کي لڪايو پيو وڃي، حڪمرانن کان سوال ڪريو ته ڪو به جواب ڏيڻ وارو ناهي. سڀ منهن لڪائين ٿا، ملڪ جي معيشيت هلائڻ ۽ سڌارڻ واري واحد جماعت پ پ آهي، پي ٽي آءِ حڪومت کي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. وزيراعظم عوام جي معاشي قتل جو ڏوهاري آهي. چيو پئي ويو آصف زرداريءَ جو دور معيشيت لاءِ برو هو ته پوءِ اڄ ڇو معيشيت جي چاٻي آصف زرداريءَ جي دور جي ناڻي واري وزير حوالي ڪئي وئي آهي.بلاول چيو ته جيڪڏهن بار ئي وجهڻو آهي ته امير ترين ماڻهن مٿان وڌو وڃي حڪومت جي معاشي پاليسي اها آهي ته امير کي وڌ کان وڌ امير بڻايو اها ڪهڙا تبديلي آهي رمضان شريف ۾ عام ماڻهو ڪيئن گذارو ڪندو بيروزگار هارين مزدورن ۽ پينشرن جو معاشي قتل پئي ٿئي ننڍن واپارين کي چور ڌاڙيل بڻايو آهي اسين حڪومت کي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪنداسين جيترو قرض هن حڪومت کنيو آهي اوترو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت نه ورتو آهي هن حڪومت ۽ نيب تي تنقيد ڪندي چيو ته ڏوهه پنجاب ۾ ٿئي ٿو ته گرفتاري سنڌ ۾ ٿئي ٿي هن چيو ته احتساب ٿيندو ته سڀني جو ٿيندو نه ته دمادم مست قلندر ٿيندو هن چيو ته پنجاب ۾ وڏي امير جا جعلي اڪائونٽس نڪرن ته ڪجهه نه ٿيندو ويتر اهو ملڪ به هلائيندو ته معيشت به تباهه ٿي پر سنڌ ۾ رڳو الزام تي گرفتاري ڪئي وڃي ۽ پيءُ پٽ سميت سڄي خاندان کي جيل موڪليو وڃي ٿو اسين نيب گردي کان ڊڄڻ وارا ناهيون اهي عوام کان حق کسڻ گهرن ٿا هن چيو ته تبديلي سرڪار ۽ ان جي اتحادين ايم ڪيو ايم جي  ڊي اي وارن کي عوام جي اربين رپين جو حساب ڏيڻو پوندو. جلسي کي صوبائي وزير سعيد عڻي خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ پ پ کي خوفزده ڪرڻ جون ڪوششون ويون پر اڄ اهي ماڻهو پاڻ خوفزده آهن هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نانءُ روشن ڪندو هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ ماضي ۾ ماڻهن کي ماريو ۽ بيروزگار ڪيو ويو صوبائي وزير سيد ناصر حسين  شاهه خطاب ڪندي چيو ته هاڻ وري صوبي جو راڳ آلاپيو پيو وڃي جا کين ان لاءِ صوبو ٺاهي ڏنو ويو ته هي ماڻهن جي فيڪٽرين کي باهيون ڏين هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪيل آدمشماري جعلي آهي سڀ کان وڌيڪ گئس ڏيندڙ صوبي کي گئس نه پئي ڏني وڃي هي وقت آهي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جون ايم ڪيو ايم کي نه گئس چوري ۽ بجلي چوري جو حساب ڏيڻو پوندو هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي قيادت سان غداري ڪئي ڪارڪنن کي وساري ڇڏيو ايم ڪيو ايم نائين زيرو جي اليڪشن ناهي هارائي نام نهاد قيادت عوام جي ڳالهه نه ئي ڪري هن چيو ته متحده باني جي غلطين جي سزا عوام کي نه ٿي ڏئي سگهجي هن اعلان ڪيو ته اسين رمضان المبارڪ بعد رستن تي اينداسين عوام جي حقن لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر جدوجهد ڪنداسين.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں