“ آءِ جي چونڊيل حڪومت جي ماتحت ٿيندو” پوليس آرڊر 2002ع ضروري ترميمن سان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

0Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر)  سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي پوليس آرڊر 2002ع جي بحاليءَ جي منظوري ڏيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته  اھو پنجاب ۾ به لاڳو ٿيل آھي، ان ۾ ڪيترن ئي ترميمن تي غور ويچار لاءِ ۽ ان کي پوليسنگ جي جديد گھرجن جي حوالي سان پروگريسو قانون بڻائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ڏانھن اماڻيو ويو. اھو فيصلو اڱاري ڏينهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھه، سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، آءِ جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام سميت لاڳاپيل تمام سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته امن امان کي برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آھي، پنھنجي سياسي عزم ڪري اسان صوبي  خاص طور تي ڪراچي شھر ۾ امن امان کي بحال ڪيو آھي پر جڏھن کان پوليس پنھنجي طور تي آپريٽنگ شروع ڪئي آھي ان کان پوءِ مختلف سنگين مسئلا سامھون آيا آھن جنھن جي نتيجي ۾ صوبائي حڪومت تنقيد کي منھن ڏنو آھي. ھن چيو ته پوليس کي خودمختيار بڻايو ويو آھي ۽ ھاڻ اھا ڪميونٽي فرينڊلي آھي. ماڻھن کي پوليس جي موجودگيءَ ۾ سڪيورٽي ۽ تحفظ جو احساس ھئڻ گھرجي پر ڪجھه واقعن ان جي ابتڙ ثابت ڪيو آھي. ھن چيو ته 2002ع واري ايڪٽ تحت آءِ جي پوليس پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر بڻجي ويندو، جنھن تحت سندن کاتي جا مالي مسئلا سندن سطح تي حل ٿي ويندا. چيف سيڪريٽريءَ چيو ته تمام سرڪاري آفيسرن واري نظام تي نظرثاني ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ مقرري، ترقي ۽ بدلي (اي پي ٽي) قاعدن تحت ۽ اھي ئي قاعدا پوليس تي به لاڳو ٿين ٿا. صوبائي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي سي پي نمبر 148، 149 ۽ 150 ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد ڪندي پوليس آرڊر 2002 جي بحاليءَ جي منظوري ڏني آھي ۽ اھو پنجاب ۾ به لاڳو ۽ عمل ھيٺ آھي پوءِ  قانون کي صوبائي سنڌ اسيمبليءَ ڏانھن اماڻڻ جي منظوري ڏني وئي. سيد مراد علي شاھه چيو ته اسيمبلي ھڪ موڊريٽ پوليس قانون بڻائڻ چاھي ٿو. نئون قانون ھڪ پروگريسو لا ھوندو.پرائس ڪنٽرول: رمضان مھيني دوران ضروري شين جي اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ واري مڪينزم تي غور ڪندي ڪابينا ڊويزنل، ڊسٽرڪٽ ۽ سب ڊويزنل انتظاميا کي اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته اھي اگھن تي موثر ريت ضابطو آڻن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيف سيڪريٽري سنڌ کي ھدايت ڏني ته ھُو روينيو آفيسرن سان گڏ اجلاس منعقد ڪري اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو مڪينزم بڻائي. ھن وڌيڪ چيو ته پرائس لسٽ تمام اسٽالن ۽ دڪانن تي لڳل ھجن، وڏي وزير سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ھدايت ڏيندي چيو ته پرائس ڪنٽرول کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي ھدايت ڪئي ته سمورا ڪمشنرز  پرائس ڪنٽرول لاء سبِ ڊويزنل ڪمشنرن سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس منعقد ڪن. سيد مراد علي شاھه چيو ته اڳئي ملڪ مھانگائي واري سوناميءَ ۾ ڦاٿل آھي پر اسان کي ان کي ھر صورت ۾ ڪنٽرول ڪنداسين. وڏي وزير پرائس ڪنٽرول جي حوالي سان ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڏني. ھن چيو ته هو چاھي پيو ته پارڪنگ پلازا صدر جي متاثر دڪاندارن کي ڏنو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي ھدايت ڪئي ته ھُو صوبائي وزير سعيد غنيءَ سان ڪميٽي جوڙي ان جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي: سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ايڪٽ 2019ع جي قائم ڪرڻ جو مقصد شھرين جي سيفٽي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ آھي. ھن چيو ته سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي 15 ميمبرن تي مشتمل ھوندي، جنھن جو چيئرمين وڏو وزير ھوندو ۽ وائس چيئرمين گھرو سيڪريٽري ھوندو. چيئرمين جي غير موجودگيءَ ۾ وائس چيئرمين فيصلن مجاز ھوندو. اٿارٽي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪندي ۽ ان کي ھلائيندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ سيف سٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد شھرين جي سلامتيءَ کي يقيني بڻائڻ آھي. اٿارٽي سڄي صوبي ۾ ڪمانڊ، ڪنٽرول ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم قائم ڪندي. جڏھن تھ مختلف کاتن جا سيڪريٽري ميمبر ھوندا ۽ ھن جو ھڪ ڊائريڪٽر جنرل ھوندو جيڪو روزمرھ جا معاملا انجام ڏيندو. ڪابينا قانون جي منظوري ڏيندي ان کي اسيمبليءَ ڏانھن اماڻي ڇڏيو. غير متحرڪ ملڪيت جي ويليوئيشن: بورڊ آف روينيو صوبي ۾ شھري علائقن ۾ غير متحرڪ ملڪيت جي ويليوئيشن جي اضافي ۽ ڪيٽيگريز تي نظرثاني ڪرڻ جو آئٽم پيش ڪيو. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو پريزنٽيشن ڏيندي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت اسٽيمپ ايڪٽ 1899ع جي سيڪشن 27-اي تحت غيرمتحرڪ ملڪيت جي ويليوئيشن بل نوٽيفاءِ ڪيو آھي. ويليوئيشن ٽيبل ٻن شين تي مشتمل آھي. علائقن جي ڪيٽيگريز ۽ ڪيٽيگري جي حساب سان اگھ مقرر ڪرڻ. شھري علائقن کي ستن ڪيٽريگريز ۾ ورھايو ويو آھي. نوٽيفاءِ ڪيل ڪيٽيگريز A-1, I, II, III, IV, V and VI آھن. ھر ھڪ شھر/ اربن علائقو ھر ھڪ ڪيٽيگريءَ تي مشتمل آھي تي اگھ نوٽيفاءِ ڪيا ويا آھن. ڪيٽيگريز تي آخري ڀيرو 2001 ۾ نظرثاني ڪئي وئي ھئي. ويليوئيشن ٽيبل جي اگھن تي به 2016ع ۾ آخري ڀيرو نظرثاني ڪئي وئي ھئي. اھي اگھ ايف بي آر پاران نوٽيفاءِ ڪيل ويليوئيشن ٽيبل ۽ صحيح مارڪيٽ ويليو جي حساب سان تمام گھٽ آھن. بورڊ آف روينيو انھن اگھن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني. ڪابينا صوبائي وزير مخدوم محبوب کي ھدايت ڪئي ته ھُو ھر ڪيٽيگريءَ جو جائزو وٺي اضافو تجويز ڪري ۽ ان کي ٻيھر ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي.  ٿر ۾ رليف جو تسلسل: سنڌ ڪابينا تفصيلي غور ويچار بعد جيڪي ڏڪار واري علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ اڳوڻي مڪينزم تحت 50 ڪلوگرام في گھراڻو ماھوار ڪڻڪ کي ورھائڻ کي وڌيڪ ٽي مھينا ۽ ڏڪار واري صورتحال صحي ٿيڻ تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو . ڪابينا خوراڪ کاتي کي ھدايت ڪئي ته ھُو ڊي سي ٿرپارڪر کي ٽن مھينن لاءِ 280370 خاندانن لاءِ 50 ڪلوگرام جا 814110 ڪڻڪ جون ٻوريون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، جيڪي چوٿين، پنجين ۽ ڇھين مرحلن لاءِ ھونديون. ڪابينا ھڪ سئو ملين رپيا ڪڻڪ جي ٽرانسپوٽيشن گدامن کان ٿرپارڪر تائين جي چارجز جي مد ۾ منظوري ڏني.  گٽڪو ۽ مين پوري:  سنڌ ڪابينا سنڌ پروبيٽيشن آف پريپريشن، مينيو فيڪچرنگ، اسٽوريج، گٽڪا ۽ مين پوريءَ  جي وڪري ۽ استعمال واري بل 2019ع تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا چيو ته گٽڪي ۽ مين پوري ڪري ڪينسر جو مرض ٿيندو آھي ان ڪري ان تي لازمي طور تي پابندي ھئڻ گھرجي. بل سنڌ اسيمبليءَ ڏانھن اماڻيو ويو.  دي سنڌ پروھيبيٽيشن آف شيشا اسموڪنگ بل 2019ع:  دي سنڌ پروھيبيٽيشن آف شيشا اسموڪنگ بل تحت شيشا اسموڪنگ، شيشو بڻائڻ، امپورٽ ڪرڻ تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو آھي. شيشا اسموڪنگ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجز 1998 تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڪابينا صوبائي وزير ماحوليات ۽ آءِ ٽي تيمور ٽالپر، صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ ۽ قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب تحت ھڪ ڪميٽي  جوڙي جيڪا ڊرافٽ بل جي ھر ھڪ ڪلاز جو تجزيو ۽ جائزو وٺندي ۽ ان کي منظوري لاءِ 15 ڏينھن اندر پيش ڪندي. سنڌ ڪابينا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اوپٿالاجي اينڊ ويجوئل سائنسز ايڪٽ 2013 منظوري ڏني، ان بل کي صوبائي اسيمبليءَ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانھن موڪلڻ جي ھدايت ڪئي وئي.  ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آءِ اسپتال ايل يو ايم ايس جي ايمرجنسيءَ جي ايس آءِ او وي ايس کي ان کي اکين جي علاج جي سينٽر جو درجو ڏنو ويو ۽ ان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي علاج جون سھولتون فراھم ڪيون ويون. ڪابينا ايس آءِ او وي ايس کي ڊگري ڏيڻ واري اداري پڻ منظوري ڏني.ڪابينا صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بطور ميمبر تحت ھڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا ڊرگ ڪورٽس کي قائم ڪرڻ لاءِ مالي اثرن جو تجزيو ڪندي ۽ ھڪ مھيني اندر پنھنجي رپورٽ پيش ڪندي. اھو به تجويز ڪيو ويو ته جعلي ۽ غيرمعياري ڊرگس جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻھن جي سزا ۾ واڌ جي تجويز به پيش  ڪئي وئي. ڪابينا سيسي پاران ھڪ خانگي تنظيم جيڪا يونيسيف جي سھڪار سان پوليو جي خاتمي خلاف ڪم ڪري رھي آھي کي ڏنل نوٽس کي واپس وٺڻ جي به منظوري ڏني.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں