اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت عورتن کي وراثت ۾ حق ڏيارڻ لاءِ انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽ جي نالي سان بل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا سان گڏ صحافين کي ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ 13 نڪاني ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽وزيراعظم جي چين جي دوري دوران گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون، چين سان ايف ٽي اي ۽ ايم ايل ون، زراعت ۽ غربت جي خاتمي بابت معاهدا ٿيا، جنهن تي ڪابينا وزيراعظم کي چين جي دوري تي مبارڪ ڏني، ڪابينا اميد ظاهر ڪئي ته چين ۾ ٿيندڙ معاهدن جا هاڪاري اثر عوام جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ جو سبب بڻجندا، انهن سان عوام کي رليف ملندو. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ رمضان المبارڪ ۾ آفيس جي وقت جو جائزو ويو ۽ ڀلاري مهيني ۾ وفاقي آفيسن جو وقت صبح 10 کان شام 4 وڳي تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ رمضان المبارڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي روڪٿام ۽ عوام کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ ادارن جي سڌارن تي ڪميٽي طرفان کنيل شروعاتي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، زراعت، پاڻي، نيشنل ٽورازم رپورٽ، احساس پروگرام جي لانچنگ ۽ سوشل ميڊيا ۾ ڪلين گرين پاڪستان تحت وڻڪاري مهم تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ان سان گڏوگڏ خيبر پختونخواهه جي ماڊل تي پنجاب ۾ مڪاني نظام آڻڻ تي به ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا ۾ قانوني سڌارن جي حوالي سان 5 بل پيش ڪيا ويا، جن ۾ ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ شامل آهي، جيڪا قانوني رهنمائي ۽ امداد نه ٿيڻ سبب انصاف جي فراهمي ۾ دير کي منهن ڏيندڙن کي حڪومتي سطح تي تحفظ فراهم ڪندي. هن چيو ته معاشري مسئلن ۾ سڀ کان وڏو چئلينج عورتن کي وراثت ۾ حق ڏيڻ آهي، ان کي محسوس ڪندي پاڪستان جي آبادي جي 52 سيڪڙو حصي جي حقن جي تحفظ لاءِ انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽ جو بل آندو پيو وڃي، وراثت ۾ عورتن کي حقن جو تحفظ ڏنو ويندو ۽ ان بل کي تعلقي سطح تائين لاڳو ڪيو ويندو، حڪومتي کاتا هر سطح تي ان بل جو دائرو وڌائي ان سلسلي ۾ مدد ڪندا ۽ ان جي سرپرستي به ڪندا. سندس موجب ڪوڊ آف سول پروسيجر ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن، جنهن تحت سول ڪيس ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو ترميمي بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، ليٽر آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ ۾ رنڊڪون ختم ڪيون ويون آهن، وسل بلور پروٽيڪشن اينڊ ويجيلنس ڪميشن جي نالي سان بل ۾ سرڪاري ادارن ۽ حڪومتي کاتن مان ڪرپشن، اختيار اورانگهڻ جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ شخص کي تحفظ ۽ برآمد ڪئي ويندڙ رقم جو 20 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو. هن ٻڌايو ته حڪومت ”زينب الرٽ بل“ جي نالي سان ٻارن سان زيادتي کي روڪڻ لاءِ قانون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو قانون زينب جي نالي سان ان ڪري آندو ويو آهي، ڇو ته اها معصوم ٻارڙي معاشرتي وحشت جو نشانو بڻي، اهڙن ڏوهن جي مذمت ۽ سزا ڏيڻ لاءِ، ٻارن سان زيادتي وارن واقعن جي خاتمي لاءِ اهو قانون آندو ويندو، اسڪولن ۾ ٻارن کي مارڪٽ ۽ تشدد کي ڏوهه قرار ڏين ۽ ان جي روڪٿام لاءِ به حڪومت قانون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته ڪابينا ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌائڻ وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته تيل جي قيمت 53 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا وڌي 76 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران تي پابنديون لاڳو ڪرڻ سبب تيل جو اگهه وڌيو، اوگرا طرفان موڪليل سمري ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 14 رپيا واڌ جي تجويز ڪئي وئي هئي، اوگرا جو چوڻ هو ته عالمي قيمتن کي نظر ۾ رکندي خسارو وڌايو وڃي يا قيمن ۾ اضافو ڪيو وڃي، وزيراعظم عوام جي ڏکيائين ۽ تڪليفن جو احساس ڪندي سمري تي نظرثاني جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جي ايس ٽي کي ان طريقي سان ريگيولرائز ڪيو وڃي جيئن عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ٻڌايو ته پي ٽي ايم ۾ اهڙا عنصر اچي ويا هئا، جن قومي سلامتي خلاف ٻاهرين آقائن جي آشيرواد سان ناڪاري، من گهڙت ۽ بي بنياد پروپئگنڊا ڪئي، جنهن سان اسان جي قومي سلامتي کي نقصان پهتو ۽ ملڪ جو اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪا مرڪزي سياسي مصروفيت جاري رکي، چونڊن جي ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف رڳو مقامي قيادت کي گڏ رکڻ لاءِ پنهنجا اميدوار نه بيهاريا هئا، انهن علائقن ۾ پي ٽي ايم ۾ موجود سمورا نوجوان ملڪ جي مفاد خلاف ناهن پر ان تنظيم جي قيادت جا ڇارتا، عالمي مددگار ۽ فنانسر، ڀارت ۽ پاڪستان جي روايتي تڪرار ۾ کين جاءِ فراهم ڪري رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم ان حقيقت کان آگاهه آهي ته فاٽا جا نوجوان اسان جي طاقت آهن، اتي عوام دهشتگردن سان گڏ ناهي بيٺو، انهن پنهنجي حياتين سان کيڏي ملڪ جي وقار کي بچايو آهي، جن قربانيون ڏنيون اهي ملڪ جو اثاثو آهن ۽ اسان ان اثاثي جي حفاظت ڪنداسين پر جيڪي انهن قربانين کي رائيگان ڪرڻ لاءِ، عالمي ايجنڊي تحت نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ، ورغلائڻ لاءِ، پاڪستان جو وقار داءَ تي لڳائڻ لاءِ مصروف آهن، انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ملڪ جي غدارن ۽ قومي مفاد کي داءَ تي لڳائيندڙن کي ڪنهن قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن. آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته ٻه مئي تي مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان منصوبي کي به ڪالا باغ ڊيم بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان تقريب جو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي دعوت ڏني وئي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟