نيب آغا سراج دراني، ڪامران مائيڪل ۽ پي آءِ اي خلاف ڪيسن جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو(نيب) آغا سراج دراني ۽ سينيٽر ڪامران مائيڪل جي خلاف ڪيسن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني خلاف نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪملٿيڻ کان پوءِ ريفرنس چيئرمين نيب کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيب ترجمان موجب اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ڏيڍ ارب روپين کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا جيڪي سندس آمدني کان وڌيڪ آهن ۽ هي ان جي ظاهر ڪيل اثاثن کان الگ آهن. جيڪي آغا سراج دراني، ان جي مائٽن، ۽ بي نامي ماڻهن وٽ آهن. جن جي ٽرائل جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته  ان مان ڪجهه ماڻهو آغا سراج ۽ سندس فيملي جا ذاتي ملازم آهن. ٻئي طرف سينيٽر ڪامران مائيڪل جي خلاف به  ضمني ريفرنس منظوري جي لاءِ چيئرمين نيب کي موڪليو ويو آهي. ڪامران مائيڪل تي رشوت وٺڻ جي مد ۾ 11 ڪروڙ روپيه وصول ڪرڻ جا الزام آهن. ڪامران مائيڪل ڪراچي پورٽ ٽرسٽ(ڪي پي ٽي) ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي پلاٽن کي غير قانوني وڪڻي 11 ڪروڙ روپيه حاصل ڪيا هئا.  ڪامران مائيڪل تي رشوت جي پئسن مان پنهنجي ڀاءُ جي نالي تي مختلف جڳهون خريد ڪرڻ جو به الزام آهي. نيب ترجمان موجب مختلف ڪيسن بابت فيصلا نيب ڪراچي ۾ ريجنل بورڊ جي اجلاس ۾ ٿيا. نيب جي ريجنل بورڊ قومي ايئرلائين(پي آءِ اي) بابت ٻن شڪايتن کي انڪوائري ۾ تبديل  ڪرڻ جي سفارش به نيب هيڊ ڪوارٽر روانو ڪري ڇڏي آهي. پهرين شڪايت اعليٰ انتظاميه طرفان اي ٽي آر جهاز گرائونڊ ڪرڻ بابت هئي جنهن جا پرزا چوري ڪري  جهاز کي ناڪاره ظاهر ڪيو ويندو هو. جڏهن ته معمولي مرمت سان اهي جهاز اڏامڻ جي قابل ٿي سگهيا ٿي. ٻئي شڪايت ميسرز ليزيور سان گڏ مارڪيٽ ريٽس کان گهٽ تي  ڪارگو جي جڳهه کي استعمال ڪرڻ بابت هئي ۽ بلڊر ميسرز حمير جي خلاف انڪوائري کان پوءِ انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي. گلشن رومي هائوسنگ پروجيڪٽ ۾ 1979ع کان هيستائين 104 الاٽيز کي ڪروڙين روپيه وٺڻ باوجود کين قبضو نه ڏنو ويو هو. جنهن جي ماليت 60 ڪروڙ روپيه ٿئي ٿي.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں