قومي اسيمبلي ۾ چائلڊ ميرج ترميمي بل تي وزير آمهون سامهون، ٽن مخالفت ۽ هڪ حمايت ڪري ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ چائلڊ ميرج ترميمي بل تي وزير آمهون سامهون، ٽن مخالفت ۽ هڪ حمايت ڪري ڇڏي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن سينيٽ مان منظوري کانپوءِ چائلڊ ميرج ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ اماڻيو ويو، جڏهن ته ننڍي عمر ۾ شاديءَ واري بل جي معاملي تي وفاقيوزير سامهون سامهون ٿي ويا. مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري مخالفت ڪندي چيو ته موجودا شڪل ۾ بل قبول ناهي، بل اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن اماڻيو وڃي. وفاقي وزير علي محمد خان مخالفت ڪندي چيو ته بل اسلام ۽ سنت جي ابتڙ آهي، ڀلي وزارت تان هٿ ڌوئڻو پوي پر بل جي مخالفت ڪريان ٿو. وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه پڻ چائلڊ ميرج ترميمي بل جي مخالفت ڪئي. وفاقي وزير شيرين مزاري بل جي حمايت ڪندي چيو ته فرد واحد کي اسلام جي فيصلي جو اختيار ناهي، ننڍي عمر ۾ شادي بابت بل ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر راءِ واضح نه اچڻ تي ننڍي عمر ۾ شاديءَ واري بل تي ووٽنگ ڪرائي، جنهن ۾ بل جي حق ۾ 72 ۽ مخالفت ۾ 50 ميمبرن ووٽ ڏنا ، اسپيڪر بل راءِ شماري کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں