پي ٽي ايم جي آزاديءَ جو وقت ختم ٿي ويو، ڀارت اسان جي عزم جو امتحان نه وٺي، ڀرپور جواب ڏئي سگهون ٿا: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) جيڪڏهن 1971 ۾ اسان جو اڄوڪو ميڊيا هجي ها ته ڀارت جي سازشن کي وائکو ڪري سگهي ها، ڀارت چيو ته ايٽمي اثاثا ديوالي لاءِ نه آهن ته اچي اسان به تيار آهيون، جيڪي گجگوڙ ڪندا آهن اهي وسندا نه آهن، ڀارتي جهاز ڪيرائيندڙ پاڪ فضائيه جي پائليٽس کي اعزاز سان نوازينداسين ڀارت جيڪا تبديلي پاڪستان ۾ چاهي ٿو اها ڪڏهن به نٿو ڪري سگهي هي 1971 آهي نه اها فوج ۽ نه ئي اهي حالتون آهن ميجر جنرل آصف غفور چيو ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آندو ويندو اهڙو نصاب آندو ويندو جنهن ۾ نفرت جي جاءِ نه هوندي ٻئي فرقي جي احترام تي زور ڏنو ويندو نصاب ۾ درس نظامي سان گڏ م،وجوده دور جا مضمون هوندا معاشري کي انتهاپسندي ۽ عسڪريت پسندي کان پاڪ ڪنداسين پاڪستان اندر ڪنهن قسم جو ڪوئي منظم دهشتگردي جو نيٽ ورڪ موجود نه آهي پي ٽي اين جن ماڻهن جي مسئلن کي بنياد بڻائي ڪم ڪري رهي آهي ان جو وقت ختم ٿي ويو پي ٽي اين جو بلوچ آزادي پسندن سان ڪهڙو تعلق آهي پي ٽي پي ۽ اوهان جو موقف ساڳيو ڇو آهي تحريڪ طالبان پاڪستان جيڪا افغانستان ۾ ويٺي آهي ان جي لسٽ اسان کي ڏيئي ڇڏيو پوءِ اسان ڳولينداسين ته مسنگ پرسنز ڪيڏانهن ويا سومر تي هتي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي آصف غفور ملڪ موجوده سيڪيورٽي صورتحال پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهائيندي چيوت ه ڀارت سان ڇڪتاڻ بابت 22 فيبروري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جڏهن هن اسان تي پلواما جا الزام مڙهيا هئا مان ان وقت سببن جو ذڪر ڪيو هو ته پاڪستان هن حملي ۾ ملوث نه آهي پاڪ فوج جي ترجمان ڀارت کي اهو به چيو هو ته وزيراعظم پاران جاچ جي تجويز تي سنيجدگي سان غور ڪري ان کان پوءِ 26 فيبروري جي صبح هن اسان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن کي اسان ناڪام ڪري ڇڏيو ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان کي مان نويس ڏنو هو ته هاڻي اسان جي جواب جو انتظار ڪريو هن چيو ته منهنجو مطلب هو ته اسان جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ٿينداسين 27 فيبوروري تي ڀرپور جواب ڏيڻ کان پوءِ ان جا 2 جهاز ڪيرائڻ ۽ هڪ پائليٽ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تفصيل ٻڌايو هو پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت ڪوڙي ڪهاڻي گهڙي ته اڄ پاڪستان ٻه پائليٽ ٻڌايا ۽ پوءِ هڪ ڪري ڇڏيو جڏهن جنگ ٿي رهي آهي ته اسٽوري اپ ڊيٽ ٿيندي رهندي آهي انهيءَ بنياد تي پهريان چيو ته ٻه پائليٽ هئا پوءِ جڏهن صورتحال واضح ٿي ته ان جي وضاحب ڪئي ته هڪ پائليٽ پڪڙيو ويو هن چيو ته 28 فيبروري تي ڀارت ميزائيل فائر ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ڀارت پنهنجي ميڊيا کي ٻڌائي اسان ڪهڙو جواب ڏنو ان رات ايل او سي تي ڇا ٿيو اسان جي فائر پرٽون ان جي گن پوزيشن کي ڪيئن نشانو بڻايو. ڪيترائي فوجي ماريا وا هي ڳالهيون ڀارت ميڊيا کي ٻڌايو ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي ان ۾ ڪافي ڳالهيون ٿين ٿيون ڀارت چڇوي ٿو ته اسان ديوالي تي ايٽم هلائڻ لاءِ ناهي رکيو هن چيو ته جڏهن ملڪ جي دفاع جي ڳالهه هجي ته اسان هر قسم جي صلاحيت استعمال ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن دل آهي ته ڀارت پنهنجي صلاحيت آزمائي ڏسي پر پهريان نوشهره جي اسٽرائيڪ جو تجربو نظر ۾ رکي هن چيو ته 27 فيبروري تي 2 مهينا ٿي ويا جڏهن ته ڀارت ڪيترائي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي اسان زميوار ملڪ جو ثبوت ڏيندي ان جي لٻاڙ جو به جواب ناهي ڏنو اهو نه آهي ته اسان جواب نٿا ڏيئي سگهون ڀارت ڪوڙ ڳالهائي ۽ اسان ان جو جواب ڏينون ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪوڙ کي سچ ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو پر سچ هڪ ڀيرو ڳالهيوپن وڃي ٿو پر اسان انهن جي ڪوڙن جو جواب ناهي ڏنو هن چيو ته اسان ڀارت جي فضائي ڪارروائي ناڪام بڻائي اسان جو ڪوئي نقصان نه ٿيو پر اسان ميڊيا کي به ان هنڌ جو دورو ڪرايو ۽ جيڪڏهن هاڻي به کيس پڪ نه آهي ته ڀارت پنهنجي ميڊيا اسان وٽ موڪلي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان جي ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي ويئي جڏهن ته اهڙِ ڪا ڳالهه ئي نه هئي ڇو ته ڪوڙ کي پير ئي نه ٿيندا آهن هن چيو ته ايف 16 ووڏي ڳالهه آهي جيڪڏهن موٽر سائيڪل لٿي ته ان جي خبر به نٿي لڪي اوهان جا آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن آميرڪا کي چئو ته پاڪستان جا ايف 16 جهاز ڳڻي ڀالا ڪوٽ تي ڀارتي دعوائن تي هن چيو ته توهان رات جي اونداهي ۾ ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي اسان ڏينهن جو ڪارروائي ڪري ڏيکاري ۽ جتي اسان جا ميزائيل ڪريا اتي ڪير موجود هو اهو به ٻڌايو وڄي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اوهان چئو ٿا ته پاسڪتان جو رويو تبديل ڪرڻو آهي پر اوهان ته اهو نه ڪري سگهيا. هن چيو ته پاڪستان ۾ 30 هزار کان وڌيڪ مدرسه آهن جن ۾ 30 لک ٻارڙا تعليم هيٺ آهن 1947 ۾ مدرسن جو انگ 247 هو جيڪو 1980 ۾ وڌي 2861 ٿي ويو ۽ اڄ 30 هزار کان وڌيڪ آهي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته عسڪري پسندي ڏانهن وٺي ويندڙ مدرسن جو انگ 100 کان به گهٽ آهي ڪيترائي مدرسه پرامن آهن مدرسي جي هڪ خطابي آرمي ۾ ڪميشن به حاصل ڪيو آهي پر انهن مدرسن جي بارڙن وٽ نوڪري جا ڪهڙا موقعا هوندا آهن اسلام جي تعليم جيئن آهي هلندي رهندي پر نفرت تي ٻڌل مواد نه هوندو ٻئي فرقي جي احترام تي زور ڏنو ويندو نصاب ۾ درس نظامي سان گڏوگڏ موجوده دور جا سبجيڪٽ به رکيا ويندا هر مدرسي ۾ 4 کان 6 سبجيڪٽس جا استاد گهربل هوندا ان بابت بل تيار ٿي رهيو آهي پوءِ نصاب تي نظرثاني ٿيندي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پي ٽي اين جي ويب سائيٽ تي چندي جو تفصيل ڏنو ويو آهي پر ان تفصيل کان ان وٽ گهڻو پئسو آهي ان کي اين ڊي ايس، را ڪيترا پئسا ڏنا اهو ٻڌايو وڃي هن چيو ته مان پي ٽي ايم کان پڇا ڪيان ٿو ته اوهان وٽ ڪيترا پئسا آهن اين ڊي ايس اوهان کي احتجاج رکڻ لاءِ اوهان کي ڪيترا پئسا ڏنا اسلام آباد ڌرڻي لاءِ را ڪيترا پئسا ڏنا هي ڪيئن پهتا 28 مئي 2018 تي جلال آباد ۾ تورخم ريلي لاءِ ڪيترا پئسا ورتا ۽ اهي ڪٿان آيا ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پشتون تحفظ موومينٽ جن ماڻهن جي مسئلن کي بنياد بڻائي ڪم ڪري رهي آهي ان جو وقت ختم ٿي ويو اوهان فوج کان ڪهڙي بدلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ڪوئي رياست سان ويڙهه نٿو ڪري سگهي جن ماڻهن کي اوهان ورغلائي رهيا آهيو انهن جيڏکڻ جو احساس آهي ٻي صورت ۾ اوهان ماڻهن کي ڊيل ڪرڻ ڏکيو ڪم نه آهي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جيڪا افغانستان ۾ ويٺي آهي ان جي لسٽ اسان کي ڏيئي ڇڏيو پوءِ اسان ڳولينداسين ته مسنگ پرنسن ڪيڏانهن ويا ميجر جنرل آصف غفور سوال اٿاريو ته پي ٽي ايم جو بلوچ آزادي پسند سان ڪهڙو تعلق آهي. ٽي ٽي پي اوهان جي حق ۾ ڇو بيان ڏي ٿي ۽ ٽي ٽي پي اوهان جو موقف ساڳيو ڇو آهي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ايس پي طاهر داوڙ افغانستان ۾ شهيد ٿيو پاڪستان حڪومت افغان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته اوهان ڪهڙي حيثيت ۾ ان سان ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته لاش حڪومتي نمائندن کي نه ڏنو وڃي. اوهان ڪهڙي حيثيت ۾ چيو ته قبيلي کي مڙهه ڏنو وڃي هن چيو ته پي ٽي ايم سان ڪوئي اعلان جنگ نه آهي حڪومت ان سان ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿي پر اهي ڀڄي آمريڪا افغانستان ۽ بلوچستان هليا وڃن ٿا مسئلا فاٽا ۾ آهن ته کين گهرجي ته اتي ڪئم،پ لڳائي وڃي ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ پشتو ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں