پاڪستان آءِ ايم ايف کي 500 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي، آءِ ايم ايف مشن سان پهرين ڏينهن ملاقات ۾ ناڻي واري وزارت، ايف بي آر ۽ توانائي واري وزارت جون اختياريون شريڪ ٿيون. ذريعن موجب ڳالهين ۾ پاڪستان ايندڙ مالي سال دوران 13 سيڪڙو جي اضافي سان ٽيڪس وصولين جو هدف 5 سئو ارب کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئينبجيٽ ۾ ايف بي آر جو هدف 4 هزار 5 سئو ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ٽيڪس سڌارن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تجويزون به تيار ڪيون ويون آهن. ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته درآمدن کي گهٽايو پيو وڃي ۽ هلندڙ سال جاري کاتن جو خسارو گهٽ ٿيندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ٻه هفتا رهندو ۽ ڳالهين کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽان 6 کان 8 ارب ڊالرن تائين قرض ملڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف مشن جي وفد جي سربراهي ارنستويگلو ۽ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ڪئي آءِ ايم ايف مشن پاڪستان ۾ هڪ هفتو ترسندو پاڪستان 6 کان 8 ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪري سگهي ٿو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں