اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪئي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا ٻڌڻي شروع ٿي ته وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پارڪ لين، توشه خان، پنڪ ريزيڊنسي ۾ نيب انڪوائري ڪري رهي آهي جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب جي جواب جي ڪاپي اوهان کي ملي ويئي آهي فاروق ايڇ نائڪ ٻڌايو ته سمورا جواب ملي ويا آهن جسٽس محسن اختر ڪياني نيب کان پڇاڻو ڪيو ته نيب ڪهڙي انڪوائري ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا سردار مظفر عباسي چيو ته پاڪ لين ۾ نيب گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن فاروق نائڪ چيو ته هاڻي جواب مليو آهي ان کي ڏسي جواب مٿان جواب ڏينداسين هن چيو ته ڊاڪٽر بن شاهه ڪيس ۾ ضمانت ٿي ۽ نيب ٻئي ڪال اپ نوٽيس ۾ گرفتار ڪري ورتو جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته نيب ٻڌائي ته ان کي ڪهڙي انڪوائري ۾ ان اسٽيج تي گرفتار ته ناهي ڪرڻو نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هڪ انڪوائري ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته سوال اهو آهي ته اوهان ان کي سرپرائز نه ڏيندا، نمبر مسئلو نه آهي پر خبر پوي ته ان جي خلاف ڪيتريون انڪوائريون هلي رهيون آهن نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جنهن اسٽيج تي ان جو رول ايندو ان بابت ان کي ٻڌائي ڇڏينداسين جسٽس عامر فاروق چيو ته عجيب ڳالهه آهي جنهن جي خلاف ڪيس هلي رهيو آهي ان کي ٻڌائڻو نه آهي جسٽس عامر فاروق نيب پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته جيتريون به انڪوائريون ان جي خلاف هلي رهيون آهن انهن بابت ٻڌايو هن چيو ته جيڪڏهن کين انڪوائري ۾ گهربل نه آهي ته نيب اٿارٽيز کان پڇا ڪري بيان ڏي جنهن کان پوءِ عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪچي ضمانت ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ڪيتريون انڪوائريون هلي رهيون آهن، نيب کان لکت ۾ جواب گهري ورتو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟