پاڪستان ۽ چين ۾ آزاد واپاري معاهدو، 313 پاڪستاني شين کي چيني مارڪيٽن تائين ڊيوٽي فري پهچ ملي وئي

0Shares

بيجنگ(م ڊ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻيون آزاد واپاري معاهدو طئه ٿي ويو آهي جنهن جي تحت 313 پاڪستاني شين کي چيني مارڪيٽن تائين ڊيوٽي  فري رسائي ملندي. واپار واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻئين آزاد واپاري معاهدي  تي اختيارين صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدي موجب پاڪستان کي آسيان ملڪ جيان رعايت ملندي، پاڪستان کي 313 شين جي موڪلڻ تي فري ڊيوٽي رسائي ملندي، جنهن سان پاڪستان جون 90 سيڪڙو موڪليل شين جي چين کي ڊيوٽي فري رسائي ممڪن ٿي سگهندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين 75 سيڪڙو ٽيرف لائنز جي ڊيوٽي  فري رسائي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، پاڪستان جي چين لاءِ برآمدات 5 سالن ۾ ساڍا 6 ارب ڊالر وڌڻ جو امڪان آهي، واپار واري وزارت جي اختيارين چيو ته ڊيوٽي جي ڇوٽ صرف ٽيڪسٽائل شين تائين محدود نه هوندي. معاهدي موجب ڪيميڪل، انجنيئرنگ، فوڊ آئٽمز جي چين کي برآمد ڊيوٽي فري هوندي، ان کان علاوه فٽ ويئر، پلاسٽڪ جي شين جي برآمد به ڊيوٽي فري هوندي، مقامي صنعتن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو، آزاد واپاري معاهدي ۾ مقامي صنعت کي تحفظ ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف چين جي دوري تي موجود وزيراعظم عمران خان، چيني صدر شي چن پنگ ۽ وزيراعظم ليڪي چيانگ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيو جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آچر تي وزيراعظم چين جي صدر شي چن پنگ سان ملاقات ڪئي، گريٽ هال ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستاني وفد جا ميمبر موجود هئا جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پنهنجي دوري تي عمران خان چيني هم منصب ليڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن واپار وڌائڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون، ملاقات ۾ چين اڪنامڪ ڪوريڊور کي جلد کان جلد تعمير ڪرڻ ۽ گوادر بندر گاهه سميت سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کان اڳ بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر شي چن پنگ پاڪستان جي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، پاڪستاني وفد ۾ شاهه محمود قريشي، حفيظ شيخ، فيصل واوڊا ۽ خسرو بختيار شامل هئا، واضح رهي ته عمران خان چين جي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، وزيراعظم ٻئي بيلٽ روڊ فورم ۽ گول ميز ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي. سيڙپڪاري جي لاءِ رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته منهنجو چين جو پهريون دورو بهتر هو جڏهن ته ٻيو دورو بهترين آهي. چين پاڪستان راهداري ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، پاڪستان هاڻ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ بهترين ملڪ آهي. چيني سيڙپڪار سمجهن ٿا ته ڪهڙو ملڪ انهن جي لاءِ بهترين آهي. چين ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ به اسان سان سهڪار ڪري رهيو آهي. پاڪ چين سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين ۾ بي آر آءِ لاءِ ٻن ڏينهن جو تجربو تمام گهڻو سٺو رهيو، ان دوران گهڻن پرڏيهي سربراهن سان ملاقات ٿي، چين ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان چين جي مدد سان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شاندار يونيورسٽي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان جي ترقي جا هدف حاصل ڪري وٺندو ۽ زراعت جي شعبي ۾ چين سان گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت ۾ ترقي پاڪستان جي معاشي ترقي جي ضمانت هوندي، ماحولياتي تبديلي سان سموري دنيا متاثر ٿيندي. هن چيو ته  موزمبيڪ ۽ فلپائن ۾ ماحولياتي تبديلي سان وڏي تباهي آئي آهي،  سمورن ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت ڳڻتي ڏٺي وئي تنهن ڪري پاڪستان ماحولياتي تبديلين سان مقابلي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳايا ويندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ملڪ آهي، پاڪستان چين جي سيڙپڪارن کي پيش رنڊڪون ختم ڪندو ۽ چاهيون ٿا ته چيني پنهنجون صنعتون پاڪستان ۾ لڳائين، جيترو واپار ۽ رابطا هوندا پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا وڌندا.  جڏهن ته چار ڏهاڪن جي جنگ کانپوءِ افغانستان کي امن جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن ۾ اضافو ٿيندو، ڪجهه ملڪ پناهگيرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڇوٽيون قائم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ جلد اليڪشن ٿي ويندي، نئين ڀارتي حڪومت پاڪستان سان سٺا لاڳاپا قائم ڪندي.  هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڳالهين ذريعي ئي حل ڪڍي سگهجي ٿو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ چيو آهي ته چين سفارتڪاري ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي ترجيح ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي مفادن جو احترام ڪيو آهي ۽ گڏيل حمايت جي پاليسي تي ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۽ خطي ۾ ڀل حالتون ڪهڙيون به هجن چين سدائين پاڪستان جي قومي اقتدار اعليٰ ۽ قومي احترام جي حمايت جي پاليسي جاري رکندو، چين پاڪستان پاران ترقي جي پاليسين، دهشتگردي ۽ شدت پسند طاقتن جي خلاف پاليسي جي حمايت ڪري ٿو، اميد آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ خطي جي سلامتي لاءِ قدم کڻندا، اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان سان آچر تي بيجنگ ۾ ٿيل ملاقات ۾ صدر شي جن پنگ ڪيو، چين جي هڪ ٽي وي موجب چيني صدر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ حصيدار جي آجيان ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان هڪٻئي جي مفادن جو احترام ڪيو آهي، هن چيو ته چين پاڪستان پاران ترقي جي پاليسي، دهشتگردي ۽ شدت پسند طاقتن جي خلاف پاليسي جي حمايت ڪري ٿو جيڪا بين الاقوامي ۽ خطي جي سيڪيورٽي ۽ ماحول لاءِ اهم آهي، هن چيو ته پاڪستان بين الاقوامي ۽ علائقائي معاملن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تجارتي ۽ مالي تعاون بابت صدر شي جن پنگ چيو ته کيس اميد آهي ته ٻئي ملڪ بيلٽ اينڊ روڊ پروگرام تحت تعاون جاري رکندا. ڏکڻ ايشيا جي حالتن تي خيالن جو اظهار ڪندي چيني صدر چيو ته کيس اميد آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت خطي جي سلامتي لاءِ قدم کڻندا، ان موقعي تي عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته بيلٽ ۽ روڊ منصوبي ۾ ٻيا ملڪ اهم ڪردار ادا ڪندا، هن چيو ته سي پيڪ منصوبي جو اهم منصوبو آهي جيڪو پاڪستان جي اقتصادي حالت ۽ عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته چين جي پاڪستان سان ڊگهي مدي تعاون جي آجيان ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں