ميشا شفيع ڪڏهن به ملالا يوسفزئي نٿي بڻجي سگهي: علي ظفر

0Shares

لاهور: (شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر ملالا بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ملالا هڪ سچي سپاهي آهي ۽ ميشا شفيع ڪڏهن به ملالا نٿي بڻجي سگهي. علي ظفر صحافين سان ڳالهائيندي جنسي حراسمينٽ  ڪيس تي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته هو حق ۽ سچ تي آهي. ان لاءِ بنا گهرائڻ جي عدالت ۾ ايندو رهندو آهي. جڏهن ته ميشا شفيع ڪوڙي آهي جيڪا عدالتن  طرفان گهرائڻ باوجود به نٿي اچي.هن چيو ته ميشا شفيع هي سڀ انهي لاءِ ڪري رهي آهي ته جيئن هو ڪينڊا وڃي عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ  ٺاهي. هن چيو ته ڇا ميشا شفيع ملالا بنجڻ چاهي ٿي مون کي ان باري ۾ خبر ناهي. اوهان کي وڌيڪ خبر هوندي. سوشل ميڊيا تي ميشا شفيع خلاف بيان جي دوران جڏهن ملالا جو ذڪر ڪيو ويو ته علي ظفر تي تنقيد ڪئي وئي جنهن تي علي ظفر ملالا يوسفزئي جو نالو کڻي وضاحتي ٽوئٽ ڪندي چيو ته ملالا هڪ سچي سپاهي آهي جيڪا هميشه سچ ۽ انصاف جي لاءِ پاڻ پتوڙيندي آهي. هن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ميشا شفيع ڪوڙ ڳالهائي، انصاف کان ڀڄي سوشل ميڊيا تي جعلي پروفائيلز جي پويان لڪي ڪڏهن به ملالا نٿي بڻجي سگهي. ياد رهي ته گذريل سال ميشا شفيع علي ظفر تي جنسي حراسمينٽ جو الزام هڻندي چيو  هو ته علي ظفر کيس هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا جنسي حراسمينٽ جو نشانو بڻايو آهي جنهن جي جواب ۾ علي ظفر ميشا شفيع مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ هڪ ارب روپيه هرجاڻي جو نوٽيس به موڪليو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں