وينا ملڪ ڀارت کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ ڀارت کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن سريلنڪا ۾ ايسٽر ڌماڪن ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ واري خبر ميڊيا ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو. ڀارتي اخبار دي هندو جي هڪ رپورٽ موجب سريلنڪن ملٽري اختيارين چيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪن جي ماسٽر مائينڊ زاهران هاشمي ڀارت ۾ تربيت حاصل ڪئي ۽ گهڻو وقت ڏکڻ ڀارت ۾ گذاريو. ان رپورٽ جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ  پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڀارت کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ سري لنڪا جي گرجا گهرن ۽ هوٽلن  اندر ٿيل 8 ڌماڪن ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڌماڪن جي ذميواري  داعش قبول ڪئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں