منهنجون ڌيئرون منهنجي قسمت آهن: شاهد آفريدي

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) بوم بوم شاهد آفريدي ڌيئرن کي پنهنجي سٺي قسمت قرار ڏئي ڇڏيو. شاهد آفريديءَ چيو آهي ته پٽ هجي ها ته اهو به مدرستي ۾ پڙهيها. تفصيل موجب شاهد آفريديءَ چيو آهي ته منهنجون ڌيئرون منهنجي قسمت آهن، مان سمجهان ٿو ته منهنجي هر ڌيءُ سان گڏ الله منهنجي قسمت  به کولي آهي، هن چيو ته هڪ انسان لاءِ الله طرفان ڌيئرن کان وڏو ٻيو ڪو تحفو ناهي، مون مٿان ته الله جو ڪرم آهي، جنهن جنهن جون ڌيئرون آهن الله تعاليٰ انهن جي قسمت سٺي ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ آفريدي چيو ته منهنجي لاءِ چارئي ڌيئرون برابر آهن پر جيڪا ننڍي هوندي آهي اها سڀ کان وڌيڪ پياري هوندي آهي.06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں