بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چين جي ميگا منصوبا جا ثمر عوام تائين پهچائڻ لاءِ پنج نقطا پيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته موسم جي تبديلين جا اثر گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون، سياحت کي هٿي وٺرائڻ ڪرپشن۽ وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي خلاف گڏيل حڪمت عملي، غربت کي گهٽائڻ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول بهتر بنائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي اڳئين فيز ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ هوندو بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي سان پاڪستان ۾ توانائي بحران ۾ گهٽتائي ۽ چين جي سهڪار سان گوادر تيزي سان دنيا جو واپاري مرڪز بڻجي رهيو آهي سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ چين سان آزاد واپار جو معاهدو ٿيندو وائيٽ ڪالر ڪرائيم ئي ترقياتي ڪمن کي برباد ڪري ٿو خاتمي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن کي بهترين موقعا فراهم ڪري رهيو آهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا اسان جي گهاٽي دوستي پاٽنرشپ ۽ ڀائراڻا لاڳاپا هر قسم جي چئلينج دوران اهڙي طرح مضبوط ۽ محفوظ رهندا جملي تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ آزاد واپار جو معاهدو اهميت وارو هوندو اسان بنيادي سرشتي ريلوي، آءِ ٽي ۽ توانائي ۾ چين سان سهڪار چاهيون ٿا ان سان گڏ زراعت صحت ۽ تعليم ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا وزراعظم عمران ان چيو ته غربت گهٽائڻ لاءِ پاڪستان ۾ احساس جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي جيڪو چين جي ماڊل کان متاثر ٿي شروع ڪيو ويو آهي ڇو ته چين 30 سالن کان گهٽ عرصي ۾ 800 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي اسان خانگي شعبي جي پاٽنرشپ سان اقتصادي ۽ سماجي ترقي جا حدف حاصل ڪري رهيا آهيون وزراعظم چيو ته هڪ خطو هڪ شاهره جو چين جي صدر جو ويزن دانشمندي گڏيل عزت ۽ احترام ۽ خوشحالي جو ماڊل آهي هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ڪرڻ کي بنيادي اهميت ڏيئي رهيا آهيون جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گذريل پنجن سالن دوران هڪ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ 5 ارب ٻوٽا لڳايا آهن جڏهن ته ايندڙ پنجنس الن دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳايا ويندا هن چيو ته فورم ۾ شريڪ ملڪ گڏجي موسمياتي تبديلين جي نقصانن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪن وزراعظم عمران خان چيو ته اسان سياحت جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيئي رهيا آهيون جنهن سان ماڻهن جا ماڻهن سان رابطا بحال ٿيندا فورم ۾ شريڪ ملڪ پاڪستان ۾ سياحت وڌائڻ ۾ سهڪار ڪن. عمران خان تقريب ۾ ويٺلن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان وائيٽ ڪالر ڪرائيم ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي ڇو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيم ئي ترقياتي ڪمن کي برباد ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هن وقت تائين 122 ملڪ ۽ 49 دنيا جي تنظيمن بي آر آءِ منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ هي هڪ تاريخي ۽ يادگار اڳڀرائي آهي هن چيو ته پاڪستان کي هن تبديلي ۾ چين سان سهڪار تي فخر آهي اسان بي آر آءِ جي پهرين ۽ پرجوش حامين ۾ آهيون. ٻئي طرف چين جي 4 ڏينهن واري دوري تي موجود وزير اعظم عمران خان بيلٽ اينڊ روڊ بابت جاري فورم جي موقعي تي ورلڊ بينڪ جي سي اي او ڪرسٽيالينا جارجيوا ۽ آءِ ايم ايف جي منيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽين لگارڊي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. عالمي بينڪ جي سي اي او ڪرسٽالينا جارجيوا سان ٿيل ملاقات جي موقعي تي وزير اعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، ناڻي وارو صلاحڪار ۽ ڪامرس وارو صلاحڪار به موجود هئا. وزير اعظم عمران خان ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان ورلڊ بينڪ جي سي اي او کي آگاهه ڪيو. ان کان سواءِ وزير اعظم خطي ۾ غربت جي خاتمي، مالي بندوبست، منصوبن، ڊي اي ايس يو ۽ ٻين بنادي ڍانچن بابت بندوبستن ۽ واپار ۾ مدد جي حوالي سان عالمي بينڪ جي ڪردار کي ساراهيو. وزير اعظم عالمي بينڪ جي سي اي او کي حڪوت طرفان شروع ڪيل سماجي بهبود جي پروگرام ” احساس“ کان به آگاهه ڪيو. عالمي بينڪ جي سي اي او پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي فنڊ فراهم ڪرڻ ۾ مدد جي خاطري ڪرائي. بعد ۾ وزير اعظم عمران خان آءِ ايم ايف جي منيجنگ ڊائريڪٽر ( ايم ڊي) ڪرسٽين لگارڊي سان به ملاقات ڪئي.رپورٽ موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته ان موقعي تي اقتصادي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو مشن سومر تي پاڪستان پهچندو جنهن بعد پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بيل آئوٽ پيڪيج تي حمتي ڳالهيون ٿينديون.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟