اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خبردار ڪيو آهي ته حڪومت کي پاڪ- چين اقتصادي راهداري منصوبن تي سمجهوتو نه ڪرڻ ڏينداسين، وزير اعظم عمران خان واعدي خلافي ڪندي منصوبن لاءِ مختص مالياتي فنڊن مان پنهنجي وزيرن کي رقم ڏياري. هن واضح ڪيو ته اسان سي پيڪ کي تڪرار نه بڻجڻ ڏينداسين ۽ حڪومت خاطري ڪرائي ته سي پيڪ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.قانون وارو وزير چئي رهيو آهي ته اسان ريفرنڊم جي ذريعي صدارتي نظام آڻي سگهون ٿا؟ واري سوال تي بلاول ڀٽو جواب ڏنو ته ” قانون وارو وزير، قانون جو وزير نه پر بي قاعدگين جو وزير آهي ۽ هن کي موجوده حالتن ۾ اهڙا مشورا نه ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي خلاف غداري جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي ان ڪري عمران خان سميت ٻيا وزير اهڙيون حرڪتون نه ڪن جو سڀاڻي انهن تي غداري جو ڪيس ٿي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سردار اختر مينگل گم ٿيل ماڻهن سميت دهشتگردي بابت قومي اسيمبلي ۾ بهترين تقرير ڪئي پر حڪومت ۽ ميڊيا ان کي نظرانداز ڪيو. عاصمه جهانگير فائونڊيشن جي بندوبست هيٺ 18هين ترميم ۽ انساني حقن بابت معاملن تي رٿيل تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کان پوءِ اڳواڻن صحافين سان گڏيل طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته بلوچستان جا مسئلا سڄي ملڪ جي مسئلن سان سلهاڙيل آهن ان ڪري بلوچستان جي مسئلن کي به ميڊيا جي ايتري ئي ڪوريج ملڻ گهرجي جيتري ٻين صوبن کي ملندي آهي. نيب بابت سوال تي هن چيو ته نيب جو قانون ڪارو قانون ۽ پرويز مشرف جو بڻايل ادارو آهي جنهن کي رڳو سياسي انتقام لاءِ بڻايو ويو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته نيب جي موجوده نظام ۾ مڪمل تبديلي جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ ئي امپائر آهي جيڪو رڳو عوام جو آهي، ان ڪري جمهوري ملڪن ۾ ڪنهن ٿرڊ امپائر جي گنجائش ناهي هوندي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت پروان چڙهي رهي آهي ان ڪري جمهوري طريقي سان صدارتي نظام آڻي سگهون ٿا ۽ نه ئي اِهو ملڪ جي حق ۾ آهي. بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي سميت ٻيون جمهوري پارٽيون به صدارتي نظام جي خلاف گڏ ٿي مخالفت ڪنديون. پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ چيو ته خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي ته سياسي پارٽيون 18هين ترميم تي اتفاق راءِ رکن ٿيون جڏهن ته فوجي عدالتن سميت ٻين قومي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون،. پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو جهڙي نوجوان جو پارٽي کي ليڊ ڪرڻ خوشي ڏيندڙ آهي. هن بلاول ڀٽو کي دعا ڏيندي چيو ته الله بلاول ڀٽو کي ذگهي عمر ۽ صحت ڏئي، بلاول جو نظريو ملڪ جي لاءِ ڏاڍو سٺو آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟