سنڌ اسيمبليءَ ۾ پري بجيٽ بحث، حڪومت پاڻ پڌائڻ ۾ پوري، مخالف ڌر جي ڇتي تنقيد

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پنجين ڏينهن به پري بجيٽ بحث تي بحث وارو سلسلو جاري رهيو، پي پي ميمبرن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته عوامي حڪومت صوبي جي عوام جي ڀرپور انداز ۾ خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ نوان روڊ رستا تعمير ڪري صرف فاصلا ئي گهٽ ناهن ڪيا پر ماڻهن جون دليون به هڪٻئي جي ويجهو ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن سنڌ حڪومت تي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ شهري علائقن کي نظرانداز ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ٻڌايو وڃي ته ڪنهن شهري کي سبسڊي ڪڏهن ڏني وئي. هن چيو ته صوبي جو مطالبو ڪو غير قانوني ۽ آئيني ڳالهه ناهي نه ئي ان کي ملڪ دشمني چئي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسيمبلي ۾ قانونسازي ذريعي صوبي جو مطالبو پورو ڪري سگهجي ٿو. محمد حسين چيو ته زرعي زمين ۽ ٽريڪٽرز تي سبسڊي ديهي علائقن کي نوازڻ لاءِ ڏني ويندي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ميمبر پنهنجي هارين ۽ ملازمن کي ڏياريندا آهن، نوڪريون وڪيون ويون ۽ پنهنجن کي ڏنيون وينديون آهن. پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سياسي بنيادن تي ماڻهن کي نوازيو ويو. پري بجيٽ بحث جي موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته تازو جن خاندانن جي ٻارڙن جون فوتگيون ٿيون آهن انهن جي ڏک ۾ اسان برابر جا شريڪ آهيون، نشوا واقعي ۾ غفلت ڪئي وئي جيڪا انجيڪشن ڊرپ ۾ لڳندي آهي اها ڊائريڪٽ ڪينولا ذريعي لڳائي وئي. هن چيو ته اسپتال کي سيل ڪيو ويو آهي، اسپتال ٻيهر لائسنس جي درخواست ڏني آهي. هن جو چوڻ هو ته دارالصحت اسپتال ۾ 90 غير رجسٽرڊ ملازم ڪم ڪري رهيا هئا. صوبائي وزير چيو ته عصمت ڪاڻيچو واقعي ۾ رپورٽ اچي ويندي ته مڪمل فيصلو ٿي سگهندو. هن چيو ته اسين ان کي قتل جو واقعو سمجهون ٿا. ڊاڪٽر عذرا چيو ته 3 پيرا ميڊيڪ عملو سرڪاري نه هو انهن جي انجيڪشن سبب ٻارڙي نشوا فوت ٿي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي (ايڊز) پازيٽيو اچڻ بعد اسان ميڊيڪل ٽيمون موڪليون آهن ٻارڙن جون ٻيهر به ٽيسٽون ڪرايون وينديون. هن چيو ته ميڊيا کي التجا آهي ته ايڊز ۾ مبتلا ٻارڙن جي نالن کي راز ۾ رکڻ جي مدد ڪئي وڃي، هن جو چوڻ هو ته ٻارڙن جي زندگي کي ڪيتريون مشڪلات پيدا ٿينديون آهن. عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته دارالصحت اسپتال کي عارضي طور تي سيل ڪري داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي جيستائين اسپتال افرادي قوت وارو مسئلو حل نه ڪندي تيسين بند رهندي. هن چيو ته اسپتال جي انسپيڪشن ٿيندي پوءِ کولڻ جي اجازت ڏني ويندي. عذرا پيچوهو ٻڌايو ته پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 50 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 43 سيڪڙو ايڇ آءِ وي ڪيسز آهن. هن چيو ته هر ڳورهاري عورت جي اسڪريننگ لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايڊز جي آگاهي مهم هلائي پئي وڃي ان کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي تي اسان ڪم ڪري رهيا هئاسين. واٽر ڪميشن جي حڪم تي هاڻي اهو معاملو پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته کاتن جي منتقلي سان مسئلا پيدا ٿيا آهن جنهن کي بهتر ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي جا مسئلا جلد حل ٿي سگهن. پي پي جي اعجاز شاهه بخاري چيو ته اپوزيشن جون تقريرون ٻڌندا آهيون ته لڳندو آهي ته انهن وٽ تنقيد کان سواءِ ڪجهه به ناهي، اهڙي تنقيد جو مقصد صرف پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي. هن چيو ته اپوزيشن جنهن جي وفاق ۾ حڪومت آهي سنڌ جي  پاڻي، گئس ۽  بجلي جا مسئلا حل ڇو نٿا ڪيا وڃن، هن وقت نيب ۾ ڪيس صرف پيپلز پارٽي ۽ سنڌ تي ڇو آهن هي ڪيس صرف هڪ سوچ ۽ مقصد لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اعجاز شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي تي هلندي صوبي جي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ٽنڊو محمد خان، جهرڪ روڊ ۽ پل هڪ مثالي ڪم آهي. جهرڪ پول سان ٺٽو، بدين، حيدرآباد، ۽ ميرپور خاص کي ملايو ۽ فاصلو گهٽ ڪيو جيڪو دلين کي ويجهو ڪرڻ برابر آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مفتي قاسم فخري چيو ته سنڌ ۾ جيڪا حالت ٿر جي ٻڌائي وڃي ٿي، منهنجي تڪ ۾ به ساڳي حالت آهي. تڪ ۾ موجود اسڪول ۽ اسپتالن جي حالت خراب آهي. هن چيو ته مان اسڪول جون تصويرون کڻي آيو آهيان، خدانخواسته جيڪڏهن عمارت کي بهتر نه ڪيو ويو ته ٻارڙا تعليم حاصل ڪندي شهيد نه ٿي وڃن. لائيو اسٽاڪ واري وزير عبدالباري پتافي پري بجيٽ تي بحث ۾ ڳالهائيندي چيو ته کاتي ۾ بهتري لاءِ اسان نئين لائيو اسٽاڪ پاليسي ترتيب ڏني آهي. لائيو اسٽاڪ جي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي سيمينار ڪري بهتري جون تجويزون حاصل ڪيون. هن چيو ته صوبي ۾ هن وقت تائين 80 لک جانورن کي ويڪسين ۽ ٿرپارڪر ۾ 50 ملين رپين جي لاڳت سان خوراڪ تقسيم ڪئي وئي وڌيڪ 50 ملين جي خوراڪ تقسيم ڪنداسون. هن چيو ته جانورن ۾ بيمارين جي خاتمي لاءِ پهريون دفعو سنڌ ۾ ويڪسين جي تياري جو آغاز ڪيو ويو. باري پتافي چيو ته صوبي ۾ 9 هيچريز آهن، 5 تيار باقي تي ڪم هلندڙ آهي، مڇي جي واڌ ويجهه وارو ڪم به جاري آهي. هن چيو ته ڊيپ سي پاليسي وارو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان تي ڪم ڪيو پيو وڃي. متحده جي محمد هاشم چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي ملازمتون نه پيون ڏنيون وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته انهن ۾ قابليت ناهي جيڪڏهن نوجوانن کي موقعو نه ملندو ته ڪراچي جو نالو ڪيئن روشن ڪندا. هن چيو ته 18هين ترميم جي مخالفت ائين ئي نٿا ڪريون پر ان سان ڪراچي کي گهربل حصو نه پيو ڏنو وڃي، هن شهر جو ته پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارو نظام به صوبائي حڪومت پنهنجي اختيار ۾ وٺي ڇڏيو آهي. معدنيات واري وزير شبير بجاراڻي چيو ته چونڊيل ايوان ۾ عزت ۽ وقار سان پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ بلين ٽري منصوبي ۾ بيقاعدگين جا اطلاع آهن. عمران خان 8 مهينن ۾ پنهنجي ٽن ٽائيگرز کي ڪڍي ڇڏيو. اسد عمر اينگرو مان به اهڙي طرح سان ڪڍيو ويو هو، پيٽروليم ٽائيگر غلام سرور ذميواريون پوريون نه ڪري سگهيو ان کي به نيڪالي ڏني وئي. نئين پاڪستان جو خواب هاڻي دفن ٿي ويو ۽ عوام جون اميدون به پوريون نه ٿي سگهيون. هن چيو ته فيصل واوڊا چيو هو ته نوڪرين جي بارش ٿي ويندي اها ڪيڏانهن وئي. سنڌ ۾ گئس بجلي ناهي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ۽ پاليسين سبب ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار پريشان آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري اڻبڻت ۽ هنگامه آرائي ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب صوبائي اسيمبلي ۾ سڀني مهمانن جون پاسز منسوخ ڪيون ويون آهن. گذريل ڏينهن سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي پاران جاري ٿيل حڪمنامي ۾ چيو ويو ته وزيٽر، گورنر گئلري، ڊپلوميٽڪ ۽ اسپيڪر گئلري لاءِ تمام مهمانن جون پاسون منسوخ ڪيون ويون آهن جيڪي فوري طور نافذ العمل هونديون. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاسز سيڪيورٽي خدشن سبب رد ڪيون ويون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ بحث ۾ ڊيگهه سبب گڏيل راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي هي بحث پنجن بجاءِ ڇهن ڏينهن تائين جاري رهندو. پري بجيٽ بحث هاڻي ايندڙ سومر ڏينهن به ٿيندو. ايوان ان حوالي سان هڪ رٿ جمعي ڏينهن ڪارروائي دوران منظور ڪري ورتي، ايندڙ سومر تي پارلياماني اڳواڻ اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان خطاب ڪندا.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں