وانا (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڊگهي جدوجهد ڪري هتي پهتو آهيان بلاول ڀٽو صاحبه وانگر پرچي تي ناهيان آيو مان نه اين آر او ڏيندس نه معاف ڪندس. وانا ۾ عام جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جا کوڙ سياستدان پخونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ فرق نٿا ڄاڻين، پر آئون قبائلي علائقن کي مڪمل طور سمجهان ٿو، مان قبائلي علائقن جي رهڻي ڪهڻي ۽ روايتن تي ڪتاب لکي چڪو آهيان. وزيرستان جي عوام 1947ع تائين آزادي جي جنگ وڙهي، انگريزن جا سڀ کان گهڻا فوجي وزيرستان ۾ مارايا ويا هئا، ڪشميري مسلمانن تي جڏهن ظلم ٿيو ته قبائلي ماڻهو ڪشميرين جو ساٿ ڏنو ، قبائلي ماڻهن 1965ع ۾ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جنگ وڙهي. وزيراعظم وانا جي عوام کي مخاطب ڪندي چيو ته پارليامنٽ ۾ سدائين قبائلي عوام جو آواز بڻيس، آصف زرداري ۽ سندس پٽ، شريف ڀائر ۽ سندن ٻار ٻڌي وٺن مان هتي ڊگهي جدوجهد کانپوءِ پهتو آهيان، منهنجي زندگي ويڙهاند ڪندي گذري آهي، جيڪو ڊگهي جدوجهد ڪري مٿي ايندو آهي ان کي ڪو ڊپ ناهي ٿيندو. آئون بلاول ڀٽو صاحب وانگر پرچي ته ناهيان آيو، هي سڀ چاهين ٿا ته عمران تي زور وجهي کائنس اين آر او ورتو وڃي، منهنجو اقتدار ۾ اچڻ جو مقصد رڳو انهن ڪرپٽ عنصرن کي مات ڏيڻ هو، مان نه کين اين آر او ڏيندس نه معاف ڪندس. مولانا فضل ارحمان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جي تمام ننڍڙي قيمت آهي ، کيس ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو ۽ ڊيزل جو پرمٽ ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ ڏکڻ وزيرستان ۾ قبائيلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قبائلين جي تاريخ بابت ڄاڻ آهي، سڀ مسئلا سمجهان ٿو، اڳوڻن سربراهن کي قبائيلي علائقن جي خبر نه هئي، قبائلي ماڻهن سدائين ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پر قبائلي علائقا سڀ کان پٺتي رهجي ويا آهن. هن چيو ته قبائلي علائقا پختونخوا ۾ ضم ٿي ويندا، هر سال هڪ سئو ارب رپيا قبائلي علائقن تي خرچ ٿيندا، ايترو پئسو خرچ ڪنداسين جيڪو ستر سالن ۾ ناهي ٿيو، ڪمزور علائقن کي مٿي آڻڻ بنا ملڪ ترقي نه ڪندو، قبائلي علائقن کي ترقي ۽ روزگار ۽ تعليم گهرجي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آمريڪا جي چوڻ تي پنهنجي فوج قبائلي علائقن ۾ نه موڪلڻ لاءِ سڀ کان گهڻو مون آواز بلند ڪيو، اسان جي فوج قرباني ڏني آهي، جڏهن قبائلي علائقن ۾ تباهي متل هئي تڏهن کان اوهان لاءِ آواز اٿاري رهيو آهيان. قبائيلي علائقن تي ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪا رياست ڪمزور طبقي کي انصاف ڏيندي آهي ته پوءِ ان رياست کي ڪو به شڪست ناهي ڏئي سگهندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي علائقي جي پٺتي پيل علائقن کي اڳتي آڻينداسين، ثابت ڪري ڏيکاريندس ته تبديلي تيزي سان ايندي آهي، ملڪ هلائڻ لاءِ في الحال پئسو گهٽ آهي پر عوام ڳڻتي نه ڪري، پئسو اچي رهيو آهي، بس ٿورو صبر ڪرڻو پوندو. تبديلي نظر اچڻ شروع ٿي ويندي. رمضان ۾ فنڊ اچڻ شروع ٿي ويندا ته تبديلي نظر ايندي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪيو ويندو، نوجوانن کي قرض ڏينداسين، زبون عمارتن لاءِ فنڊ ڏينداسين. هن چيو ته ٻن پارٽين ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، انهن جا سربراهه ملڪ کي لٽي پيسا ٻاهر کڻي ويا، مني لانڊرنگ سان معيشت کي نقصان ۽ رپئي جو قدر گهٽجندو آهي، مولانا فضل الرحمان سياست جو 12هون رانديگر آهي، سندس ملهه هڪ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شپ ۽ ڊيزل جو پرمٽ آهي، ڪرپٽ ماڻهن کي حساب ڏيڻو پوندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟