“هاڻ 100 ۾ 75 رپين جو بيلنس ملندو” سپريم ڪورٽ موبائل فون ڪارڊز تي معطل ٿيل سمورا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ موبائيل فون ڪارڊن تي سمورا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ موبائيل فون ڪارڊن تي ٽيڪسز بابت اهم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران هڪ اهم قانوني نڪتي تي بحث ٿيو ته 184 ٿري جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ ٽيڪسن جي معاملن کي ٻڌي سگهجي ٿو يا معطل ڪري سگهجي ٿو. عدالت وفاق ۽ صوبن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌايو ويو . عدالت پنهنجي فيصلي ۾ موبائيل فون ڪارڊن تي معطل ڪيل سمورا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٽيڪسن واري معاملي تي ڪو به حڪم جاري نٿي ڪري سگهي، مداخلت ڪرڻ کانسواءِ ڪيس اڪلايون ٿا. ان موقعي تي ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وڪيل چيو ته اسان ريڪوري ڪنهن کان ڪنداسين؟ جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو ته ريڪوري جو معاملو اسان جي سامهون ناهي، ريڪوري جو معاملو اسان نه ڏسنداسين. عدالتي فيصلي کانپوءِ هاڻ 100 رپين واري ڪارڊ تي 75 رپين جو بيلنس ملندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں