سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو هنگامو، بلاول خلاف ڳالهائڻ تان پ پ ميمبر چڙي پيا، جملي بازي

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ بحث شديد هنگامه آرائي جي ور چڙهي ويو، پي ٽي آءِ جي ميمبر پاران پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بابت اعتراض جوڳا رمارڪس ڏيڻ تي پي پي ميمبر ڪاوڙ ۾ اچي ويا، هل هنگامي دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن هڪٻئي خلاف اعتراض جوڳا جملا استعمال ڪيا ۽ اپوزيشن ميمبرن طنزيه انداز ۾ چيو ته (بلاول چوي ٿي) ته اسان وزيراعظم کي اسيمبلي اچڻ نه ڏينداسين، اسان چئون ٿا ته اوهان جي وزيراعليٰ کي اسيمبلي ۾ اچڻ نه ڏينداسين. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر راشد خلجي چيو ته حڪومت هن شهر ۽ صوبي کي نه ته ڪجهه ڏئي سگهي آهي نه ڏيڻ جو ڪو ارادو نظر اچي ٿو، اسان جي ماڻهن تي رحم ڪيو، 11 سالن ۾ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، اسڪيمون ٺهي ويون آهن ته انهن ۾ تالا لڳل آهن. پيپلز پارٽي جي شميم ممتاز چيو ته سنڌ جا 2 سئو ارب رپين جون وفاق ڏانهن رهتون آهن جيڪي نه ڏيڻ کليل دهشتگردي آهي. پيپلز پارٽي ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ ۾ فرق نٿي رکي، اسان جي جماعت سنڌ ۾ بغير فرق جي خدمت ڪندي آهي. ڀاڻ ۽ ڊالر سميت اٽو، ٽماٽر ۽ ضروري شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته نامعلوم ماڻهن بعد نامعلوم اڪائونٽ ڪٿان اچي ويا جنهن جي ڪا خبر ناهي، پي پي جي تنزيلا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جيڪي ماڻهو الزام هڻي رهيا آهن انهن بجيٽ جو ڪتاب به ڪڏهن ناهي پڙهيو، ٻڌايو وڃي جيڪڏهن پي پي ڪو ڪم نٿي ڪري ته پوءِ ٿر ڪول جون اسڪيمون ڪٿي ٺهيون آهن. پي پي جي فنانس پاليسي سمجهه ۾ نه آئي ته تڏهن ئي ته اسد عمر کي ڪڍي حفيظ شيخ کي آندو آهي. هن چيو ته درياءَ فرات تي ڪتي جي موت جو مثال ڏيندڙ ٻڌائين 12 مئي تي ڪنهن جي حڪومت هئي ۽ ان ڏينهن جنهن جي حڪومت هئي ٻڌائين ته مرڻ وارا انسان نه هئا. پي پي جي هير اسماعيل سوهو ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۾ ايندڙ حڪمرانن عوام جون گذريل 8 مهينن ۾ رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن. ڊرائي ڪلين مان ڌوپجي ايندڙ ماڻهن جيڪو ملڪ جو حشر ڪيو ان عوام جي زندگي تڪليفن ۾ وڌي آهي، ڊالر، پيٽرول، گئس ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ستياناس ۽ ٻيڙو غرق ڪيو ويو جيڪو سڀني جي آڏو آهي. هن چيو ته سجاول ۾ ساڍا 5 سئو اسڪول بند ۽ ساڍا 3 سئو استادن جي کوٽ آهي. ايم ڪيو ايم جي وسيم الدين قريشي چيو ته ڪراچي تي الله پاڪ رحم ڪيو ۽ برسات پئي حب ڊيم ڀرجي ويو پر واٽر بورڊ جي نااهلي اها آهي ته نارٿ ڪراچي جون علائقو اڄ به بارش واري صورتحال تي برقرار آهي. هن چيو ته تعليم جي حالت خراب آهي نقل جي نالي تي جيڪو حشر هن دفعي ۽ ان کان پهريان ٿيو اهو ڇا ظاهر ڪري رهيو آهي. پيپر وقت کان پهريان واٽس ايپ ذريعي جاري ڪيا وڃن ٿا پڙهندڙ ٻارڙا حق کان محروم ٿيو وڃن. هن چيو ته پي پي صوبي ۾ ڪم ناهي ڪيو پر ڪم لاٿو آهي، تعليم جي نالي تي سڄي نسل کي برباد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت اڄ ڇا پوکي رهي  آهي، صحت جو ڪهڙو آهي، لفاظي نه پر قسم کڻي چوان ٿو ته اسپتالن جون حالتون خراب ٿي ويون آهن. صوبي ۾ صحت جي نالي تي معصوم ٻارڙا ماريا پيا وڃن، نشوا جي والد درست الزام لڳايو ته منهنجي ٻارڙيءَ جو بدلو سزا صرف 5 لک جو جرمانو آهي. پي ٽي آءِ ميمبر جمال صديقي ايوان ۾ هيلميٽ کڻي اچي ويو ۽ هن هيلميٽ پائي تقرير ڪئي. هن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پي پي جي ميمبر مائيڪ ٽوڙي حملو ڪيو هو ۽ اڄ خدشو هو ته ڪجهه ٻي ڪنهن شيءِ سان حملو نه ڪري جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري هن کي مشورو ڏنو ته توهان اهڙو ڪم نه ڪريو جو خوف واري صورتحال پيدا ٿئي. جمال صديقي چيو ته شهر ۾ پاڻي جي نالي تي شهرين کي لالي پوپ ڏنو پيو وڃي. ڪي-4 منصوبي سان پاڻي ته نه آيو پر ڪجهه ماڻهن کي فائدو ضرور پهچي ويو. هن چيو ته ٿر ۾ آر او پلانٽس جي مرمت جي نالي تي 2 ارب رپيا لڳايا ويا. هن جي تقرير دوران حڪومتي ڌر جي ميمبرن جملي بازي ڪئي ته جمال صديقي چيو ته اسان جي تقرير دوران جملي بازي ڪئي پئي وڃي پوءِ اسان کان شڪايت نه ڪئي وڃي. ڪارروائي دوران پي پي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن وچ ۾ تڪرار به ٿيندو رهيو. پي ٽي آءِ جي سعيد آفريدي پنهنجي تقرير جي آغاز ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني کي چيو ته اسيمبلي ۾ ميمبرن خاص ڪري عورتن جي تلاشي وٺي اندر اچڻ ڏنو وڃي هن جي اهڙي رمارڪس تي حڪومتي بئنچن تي موجود عورتن احتجاج ۽ شور شرابو ڪيو. سعيد آفريدي چيو ته مان قبائلي ماڻهو آهيان مون کي عورتن جو احترام آهي. آغا سراج هن کي ٽوڪيو ته توهان صرف بجيٽ تي ڳالهايو، عورتن بابت ڳالهه نٿا ڪري سگهو. اسپيڪر سعيد آفريدي کي روڪي ورتو جنهن تي سعيد آفريدي پي پي ميمبرن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ته زڪوات جا پئسا به ناهيو ڇڏيندا مون ڪتاب جو هڪ هڪ لفظ پڙهيو آهي ان ۾ ڪجهه به ناهي پنهنجي شهيد بي بي جو ئي لحاظ ڪيو ها. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هيلميٽ آڻڻ منع آهي. هن هدايت ڪئي ته هيلميٽ کي ايوان کان ٻاهر موڪليو وڃي. سعيد آفريدي هڪ دفعو ٻيهر گذريل ڏينهن جي واقعي جو ذڪر شروع ڪيو. هن چيو ته ڪالهه مون تي حملو ٿيو هو سڄي دنيا ڏٺو. ان موقعي تي ايوان ۾ زبردست شور شرابو به ٿيندو رهيو جنهن تي اسپيڪر چيو ته جيڪڏهن توهان کي بجيٽ تي تقرير ناهي ڪرڻي ته ويهي رهو. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو مري رهيا آهن توهان بادشاهه بڻيل آهيو، اسان سنڌ جي هڪ هڪ پئسي جو حساب وٺنداسون. سعيد آفريدي جي اهڙي رمارڪس تي ايوان ۾ هنگامو شروع ٿي ويو، ان دوران پي پي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن وچ ۾ هڪٻئي خلاف اڻ وڻندڙ جملن جو به استعمال ڪيو ويو جنهن سان ايوان جو ماحول انتهائي ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو ۽ ميمبر هڪٻئي سان وڙهي پيا ۽ هڪٻئي خلاف الزام تراشي پڻ شروع ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ ميمبرن طنزيه انداز ۾ چيو ته (بلاول چوي ٿي) اسان وزيراعظم کي اسيمبلي نه اچڻ ڏينداسون، اسان چئون ٿا ته توهان جي وڏي وزير کي اسيمبلي ۾ نه اچڻ ڏينداسون. سعيد آفريدي پاران بلاول ڀٽو زرداري کي چوي ٿي چوڻ تي ايوان ۾ هنگامو وڌي ويو. پي پي ۽ اپوزيشن ميمبر نشستن تي اٿي بيهي رهيا. پي پي جي ميمبر ممتاز جکراڻي تمام گهڻو ڪاوڙيل نظر آيو ۽ هو پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ سان ذري گهٽ هٿين پئجي ويو، شديد هنگامه آرائي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس اڄ خميس ڏينهن منجهند جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں