وڏو وزير نشوا عصمت جي وارثن وٽ پهچي ويو، دارالصحت اسپتال سيل ، چڪريون

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بي بي نشوا ۽ مس عصمت ڪاڻيچو جي خاندان کي يقين ڏياريو تھ غير ذميواراڻي ۽ مجرمانھ غفلت جنھن ڪري ٻھ معصوم زندگيون ختم ٿي ويون انھن ملوث ٻنھي اسپتالن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن اھا ڳالھھ اڄبي بي نشويٰ جي والد سان سندن رھائشگاھھ گلستان جوھر ۽ مس عصمت جي خاندان سان سندن رھائشگاھھ ابراھيم حيدريءَ ۾ تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، قانون ۽ سڌسماءَ وارو صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، ڪمشنر ڪراچي افتخار شيھلواڻي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ گڏ ھئا. نشويٰ ڪيس بابت ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ ھيلٿ ڪميشن پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ خاميون آھن پر ان ۾ جيڪي ڪارروائي جي حوالي سان سفارش ڪئي وئي آھي ان مان ھُو مطمئن آھي. ھن چيو ته مان رپورٽ مان مطمئن نه آھيان ۽ صوبائي وزير پڻ پنھنجي تحفظ جو اظھار ڪيو آھي. ھن چيو ته ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته ھيلٿ ڪميشن سندن رپورٽ ۾ واضح ڪيو آھي تھ اسپتال جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عملو غيرتربيتي يافتھ آھي. ھن چيو ته اھو ھڪ سنگين مامرو آھي ۽ ان کي ڪنھن بھ قيمت تي برداشت نھ ٿو ڪري سگھجي. مراد علي شاھھ چيو تھ نشويٰ جي والد قيصر عليءَ جن ماڻھن کي نامزد ڪيو آھي انھن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھن چيو تھ اھو اثر انداز ٿيڻ يا مراعت يافتھ ماڻھن جو سوال نه آھي پر قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ سندس آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھوُ سمورن مطلوبه ماڻھن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير نشوا جي والد قيصر علي سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان تعزيت ڪئي. ھن چيو تھ مون کي حقيقي طور تي ڏک ٿي رھيو آھي تھ اسان پنھنجي ڀرپور ڪوشش باوجود نشويٰ کي بچائي نھ سگھياسين. ھن چيو تھ اسان ھن کي واپس آڻي نٿا سگھون پر اسان اھو ڪري سگھون ٿا ۽ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي سگھون ٿا ته ٻيھر اھڙي قسم جو ڪو بھ واقعو نھ ٿئي. قيصر علي چيو ته ڪجھه ماڻھن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو آھي پر انھن کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو. ان تي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ باقي رھيل جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان کي ان ڪيس جي اڳڀرائي بابت روزاني جي بنياد تي آگاھھ ڪيو وڃي. واضح رھي تھ نشويٰ دارالصحت نامي ھڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ھئي جتي ھن کي غلط انجيڪشن لڳايو ويو ۽ بعد ۾ لياقت نيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويو  جتي ان جي حالت خراب ٿي وئي ۽ ھُو ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. وڏي وزير ابراھيم حيدريءَ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو تھ ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ گورنمينٽ اسپتال ڪورنگي کي معطل ڪيو ويو آھي ۽ عملي ۽ ڊاڪٽر کي جيڪي مس عصمت خاڻيچو جي قتل ۾ ملوث آھن انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رھي تھ مس عصمت خاڻيچو ڏند ۾ تڪليف سبب علاج خاطر وئي جتي مبينا طور تي اور ڊوز ڏني وئي جنھن ڪري ھن جي زندگي ختم ٿي وئي. ۽ ھُوءَ پنھنجي خاندان جي واحد ڪفالت ڪندڙ ھئي. وڏي وزير ابراھيم حيدري پنھنجي صوبائي وزير عذرا پيچوھو، مرتضيٰ وھاب، آءِ جي پوليس ڪليم امام سان گڏ ويو ۽ خاندان سان تعزيت ڪئي. انھن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ انھن پنھنجي شڪايت ۾ جن ڊاڪٽرن کي نامزد ڪيو آھي انھن کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو ۽ انھن مان ھڪ ڊاڪٽر نيوز چينل تي اچي پنھنجو موقف پيش ڪري رھيو آھي ۽ مرحومھ ۽ سندس خاندان جي ميمبر تي الزام مڙھي رھيو آھي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ھُو متاثر خاندان جي بيان جي روشنيءَ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري. ھن چيو تھ اھا وڏي تعجب جي ڳالھھ آھي تھ نيوز چينل پنھنجي ٽاڪ شوز ۾ اھڙن ماڻھن کي گھرائي رھيا آھن. مراد علي شاھھ چيو تھ ھن ڪمشنر ڪراچيءَ کي حڪم ڏنو آھي تھ ھُو سمورن خانگي اسپتالن جي اسٽاف جو آڊٽ ڪرائي تھ انھن ٽيڪنيڪل ڪمن لاءِ تربيتي يافتھ يا غير تربيتي يافتھ عملو رکيو آھي ۽ اھي اسپتال ڪيترا اھڙا ميڊيڪل ڪيس ڊيل ڪري رھيا آھن جن جو انھن کي تجربو يا مھارت حاصل نھ آھن. وڏي وزير مس عصمت جي خاندان کي يقين ڏياريو تھ انھن سان انصاف ضرور ٿيندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير ميڊيا کي ٻڌايو تھ ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي آھي تھ صحافي مشتاق سرڪيءَ جي گرفتاريءَ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ ڏئي. ھن چيو تھ ڊاڪٽر انسان آھن ۽ انھن کان بھ غلطي ٿي سگھي ٿي پر غلطي ۽ مجرمانھ غفلت ۾ واضح فرق آھي. ھن چيو تھ اسان بي بي نشويٰ ۽ مس عصمت وارن ٻنھي ڪيسن جي تحقيقات ڪري رھيا آھيون ۽ جيڪڏھن مجرمانھ غفلت ھئي تھ ان کي برداشت نھ ڪيو ويندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں