قومي اسيمبلي ۾ اسد عمر جي بلاول ڀٽو تي تنقيد، وزيراعظم تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي: خورشيد شاهه

0Shares

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر قومي اسيمبل ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ ۽ ايف بي آر جا هدف پورا نه ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر ناڻي واري وزارت سان مستفيٰ ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ايوان ۾ آيو جنهن تي حڪومتي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي. ايوان ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي اسد عمر پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ حڪومت جي گذريل دور کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.  هن چيو ته خوشي ٿي اٿم ته بلاول اردو ۾ تقرير ڪئي آهي، مون ڪڏهن به بلاول کي غدار ناهي چيو، هن الزام مڙهيو آهي ته تحريڪ انصاف معاشي قتل ڪري ڇڏيو آهي، بلاول چيو ته نااهل ۽ ناڪام حڪومت آهي، بلاول جي الزامن تي سوچيم ته ٿورو حقيقتن تان پردو کڻان. اسد عمر جو چوڻ هو ته بلاول کي تاريخ بابت ڪا ڄاڻ ناهي، سندس پارٽي جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي ترقي جي پنجن سالن جي ايوريج رفتار 2.8 سيڪڙو رهي، ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت معيشت جي رفتار ايتري گهٽ نه هئي.  اڳوڻي ناڻي واري وزير ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ملڪ ۾ غربت آهي ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي، اسان کي ان جي ڳڻتي آهي.  سندس چوڻ هو ته هن حڪومت کي عوام جو احساس آهي، مهانگائي گهٽ ٿيڻ گهرجي ۽ ان لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن، اڄ بجيٽ خسارو جنهن سطح تي آهي اهو نه هئڻ گهرجي پر پ پ حڪومت ۾ بجيٽ خسارو ايوريج 8 سيڪڙو تائين به رهيو ۽ ان کان مٿي به ويو. اسد عمر ايف بي آر جا هدف پورا نه ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته پ پ حڪومت ۾ ساليانو هدفن ۾ پنج سيڪڙو تائين به گهٽتائي رهي.  ناڻي واري اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر کي قرضن جي وڏي ڳڻتي آهي ته قرض وڌي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ قرضن ۾ 135 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ پ پ حڪومت چار ناڻي وارا وزير تبديل ڪيا، جيڪڏهن اسان نااهل آهيون ته پوءِ اوهان ته نااهل ترين يا ناڪام ترين هئا.  سندس چوڻ هو ته پنج سال تائين قومي ناڻي کي بيدردي سان لٽيو ويو، هاڻ سندن خلاف گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي جيڪو حڪومت ناهي ڪري رهي، اهو نيب ۽ عدالتون ڪري رهيون آهن، فالودي واري جي اڪائونٽ مان پئسا نڪري رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ کين پريشاني تي ٿيندي،  جنهن جو اظهار ڪرڻ سندن حق آهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. خورشيد شاهه ايران ۾ دهشتگردي بابت ڏنل بيان تي وزيراعظم عمران کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان تي آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي.  هن ايران وڃي اهو مڃو آهي ته دهشتگرد اسان جي سرزمين تان وڃي حملا ڪندا آهن، هن اها ڳالهه ڪئي جيڪا اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي هئي، مٿس آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، عمران خان کي ايران ۾ وڃي اهو چوڻ گهرجي ها ته ايران مان دهشتگرد آيا ۽ اسان جي 14 جوانن کي شهيد ڪري هليا ويا.  خورشيد شاهه چيو ته خدا کي مڃو رحم ڪيو اوهان پاڪستاني آهيو، پاڻ چئو ٿا ته ڇهه ڀيرا مودي فون ڪئي پر اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو، اوهان پاڪستان ۽ مسلمانن جي دشمن مودي جي ڪاميابي لاءِ دعائون پيا ڪريو ، پاڪستان جو وزيراعظم غيرت مند هوندو آهي جيڪو ڀارت ۽ مودي جي اڳيان جهڪي نٿو سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں