اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير تي مخالف ڌر شديد احتجاج ڪيو ۽ “گو بي بي گو” جا نعرا هنيا. مخالف ڌر جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته اپوزيشن جا ميمبر مراد سعيد جي تقرير دوران ڊيسڪون وڄائيندا رهيا. اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائس جي اڳيان ڏاڪڻين تي ويهي احتجاج ڪيو، جنهن سبب مراد سعيد کي تقرير ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. مراد سعيد مخالف ڌر تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته مخالف ڌر انڪري احتجاج ڪري رهي آهي، ته انهن کي خبر آهي ته انهن کي آئينو ڏيکاريندس. هن چيو ته مخالف ڌر وارا مودي سان ملاقاتون ڪري ذاتي لاڳاپا قائم ڪن ٿا. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ،مراد سعيد کي تقرير ختم ڪرڻ لاءِ چيو ته هن جواب ڏنو ته اڃا هن جي تقرير شروع ئي نه ٿي آهي. هن چيو ته خواجا آصف پرڏيهه ۾ وڃي ڪري چئي ٿو ته پاڪستان ۾ بندش وڌل تنظيمون آهن،هن ماضي ۾ ڪلڀوشن کي دهشتگرد چوندي شرمايو ٿي. هن چيو ته حسين حقاني اڄ به پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي،هن بلاول تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان حادثاتي طور پارٽي جا چيئرمين بڻجي ويا آهيو، بلاول کي يونيورسٽي جي في به واپس ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو ته اسان پنهنجي لاءِ پريشان ناهيون، ملڪ جو مذاق ٿيندي ڏسي پريشان آهيون. هن چيو ته جيڪو چئي ٿو ته ملڪ کي درست ڪيو وڃي ته ان کي ملڪ دشمن چيو وڃي ٿو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ باوجود 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي. هن چيو ته 2007 ۾ او جي ڊي سي ايل کي 100 کوهه کوٽڻا هئا،پر 10 سالن ۾ 30 سيڪڙو هدف پورو نه ٿيو. عمر ايوب چيو ته حڪومت 10 هزار نين ڀرتين جي منظوري ڏني آهي جن مان 3 هزار ڀريون پيا. (ن) ليگ جي خرم دستگير چيو ته وزيراعظم ايران ۾ جيڪو بيان ڏنو آهي اهو انتهائي خطرناڪ آهي. وزيراعظم پاڻ قبول ڪيو آهي ته عسڪري گروپ پاڪستان ٺاهيا ۽ ايران ۾ دهشتگردي جا گروپ پاڪستان جي اندران آپريٽ ڪندا آهن. هن قومي سلامتي کي نشانو بڻايو آهي. حڪومتي ميمبر شيرين مزاري چيو ته وزيراعظم جي ايران ۾ ڏنل بيان کي پورو پڙهيو وڃي. هي اهو مودي آهي جيڪو رائيونڊ آيو هو جنهن سان گڏ(ن) ليگ ڊيل ڪئي هئي. (ن) ليگ پهريان پنهنجي گريبان ۾ ڏسي. ايران ۽ پاڪستان کي ڪالعدم تنظيمن کي سرحد جي ٻنهي طرفن کان ختم ڪرڻو پوندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪالعدم تنظيمن جي خاتمي بابت ڳالهيون ٿيون آهن. ڊپٽي اسپيڪر نماز جو وقت ٿيڻ جو چئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟