وفاقي ڪابينا دوائن جا اگهه گهٽائڻ ۽ چين سان آزاد واپار جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪرڻ ۽ قيمت 15 سالن تائين منجمد ڪرڻ جو معاهدو ڪري قوم سان فراڊ ڪيو. وزيراعظم عمران خان صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اجلاس ۾ دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ چين سان گڏ آزاد واپار ڪرڻجي معاهدن جي منظوري ڏني وئي آهي. سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڳوڻي صحت واري وزير عامر ڪياني کي وزارت تان ڪرپشن جي ڪري نه پر ڪوتاهي جي ڪري هٽايو ويو، جڏهن ته پيٽروليم واريو زير غلام سرور خان کي گئس جي بلن ۾ ڄاڻي واڻي ردوبدل جي ڪري هٽايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا دوائن جي قميتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي سوين دوائن تي پنهنجي مرضي سان قيمتون وڌائڻ وارين ڪمپنين کان اضافي منافعو وٺي بيت المال ۾ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن متعلق ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صحت واري وزير ڊاڪٽر ظفر دوائن جي قيمتن ۾ٿيل اضافي تي پنهنجي سفارشن کان آگاهه ڪيو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صحت واري وزير دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين طرفان سوين دوائن تي من پسند اضافي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. قيمتن ۾ اضافي واري معاملي تي ڪمپنين ڊرگ پاليسي جو نه صرف غلط استعمال ڪيو پر اضافي جي لاءِ ملندڙ رليف جو ناجائز فائدو به کنيو. سڌ سماءُ بابت صلاحڪار چيو ته حڪومت دوائن جي اضافي قيمتن جي مد ۾ حاصل ڪيل منافعو ڪمپنين کان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو واپس وٺي بيت المال ۾ جمع ڪرايو ويندو. وزيراعظم جي ايران جي دوري حوالي سان فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته ڪابينا جي ميمبرن وزيراعظم کي ايران جي ڪامياب دوري تي مبارڪون ڏنيون. سڌ سماءُ واري صلاحڪار چيو ته ايرن صرف پاريسڙي ملڪ نه پر برادر اسلامي ملڪ آهي. ايران سان ڪجهه غلط فهميون پيدا ٿي رهيون هيون، ان جو تدارڪ ضروري هو. سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته ايل اين جي جو نئون معاهدو نين شرطن ۽ گهٽ اگهه تي شفاف طريقي سان ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں