ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ بحث به اپوزيشن جي هنگامه آرائي جي ور چڙهي ويو، پي ٽي آءِ جي ميمبر راجا اظهر پاران پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڊفيڪٽيڊ ليڊر چوڻ تي پي پي ميمبر سخت غصي ۾ اچي ويا، ڪاوڙيل ميمبرن هڪٻئي ڏانهن وڌڻ ۽ ذري گهٽ هٿين پئجي ويا، پي پي جي عورت ميمبر ڪلثوم چانڊيو پنهنجي نشست آڏو نصب ٿيل مائيڪ پٽي پي ٽي آءِ جي ميمبر کي هڻي ڪڍي، هنگامه آرائي دوران نعريبازي ۽ شور شرابي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، بعد ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي پنهنجي ميمبر راجا اظهر جي رمارڪس تي معافي گهري ورتي ۽ اسپيڪر راجا اظهر جي رمارڪس تي ايوان جي ڪارروائي مان هذف ڪرائي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي ايوان جي ڪارروائي دوران پنهنجي اعتراض واري نقطي تي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ايوان کي قائدن موجب نٿو هلايو وڃي ۽ ضروري آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ قاعدن موجب پري بجيٽ بحث ڪرايو وڃي جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته توهان ڪنهن به ڳالهه تي متفق نٿا ٿيو، توهان پهريان ئي مون تي عدم اعتماد ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي اسپيڪر ۽ اپوزيشن اڳواڻ وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته منهنجون 3 گذارشون ٻڌيون وڃن. هن چيو ته اڱاري جو ڏينهن ايوان ۾ پرائويٽ ميمب ڊي هوندو آهي، پهريان ان ڏينهن مطابق ايجنڊا کي اڪلايو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن بجيٽ تي پرائيويٽ ميمبر ڊي تي پري بجيٽ بحث ئي ضروري آهي ته پوءِ پرائيويٽ ميمبر ڊي لاءِ به ڪو ڏينهن مقرر ڪيو وڃي تنهن تي اسپيڪر چيو ته گذري ڏينهن ايوان ۾ اعلان ڪري بجيٽ تي بحث ڪرڻ جو آغاز ڪري چڪا آهيون، رولز به ٻڌايا ويا هئا ان باوجود اڄ وري اعتراض ڪيو پيو وڃي جيڪو مناسب ناهي. هن اپوزيشن اڳواڻ جي حوالي سان چيو ته جيڪو ماڻهو هتي ايوان ۾ ڊڪٽيشن ڏئي ٿو اهو ٻاهر وڃي نه ڄاڻ ڪيئن ٻين تي الزام لڳائي ڇڏي ٿو. آغا سراج دراني چيو ته اهو ائين ته نه هلندو، ڊڪٽيشن ڏني وڃي ۽ اسان کي چيو وڃي جيئن اسان چئون ائين ئي ڪيو. پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا اسپيڪر کي چيو ته اسان توهان کي صلاحون ڪيون ٿا جو توهان غير معمولي صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو ۽ اپوزيشن جي ڳالهه وڏي تحمل سان ٻڌي. اسپيڪر جي ڊگهي بحث بعد اپوزيشن ميمبر بجيٽ تي بحث کان فراريت اختيار ڪندي ايوان جي ڪارروائي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا پر ڪجهه دير بعد ايوان ۾ ٻيهر واپس اچي ويا. اپوزيشن جي غير موجودگي دوران اسپيڪر اپوزيشن ميمبر عبدالرشيد کي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو. عبدالرشيد چيو ته سياست هجي يا عام زندگي انا جي جنگ وڙهندڙ هميشه جهاد جي جنگ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي. هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم جي ايران ۾ ڳالهيون ٻڌي دنگ رهجي ويا آهيون. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي فنڊز نه ڏيڻ تي صوبائي حڪومت مالي مشڪلات جو شڪار آهي جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر جاويد حنيف پري بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته اسان سنڌ جي معيشت جو مرثيو پڙهندا آهيون، ماضي ۾ سنڌ جي ماڻهن جي آمدني ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئي، هاڻي سنڌ جي ماڻهن جي آمدني ڪي پي ڪي ۽ پنجاب بعد ٽئين نمبر تي آهي صرف بلوچستان کان مٿي آهي. هن چيو ته سنڌ جي اڪانامي حڪومت جي هوڏ سبب تباهه ۽ ختم ٿي وئي آهي. ديهي سنڌ جي معيشت به تيزي سان ٻاڙائي جو شڪار ٿي رهي آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت وسيلن جو تمام گهڻو چرچو ڪندي آهي ته پوءِ وري وفاق کان ڇو پئسا گهريا پيا وڃن. ايوان جي ڪارروائي دوران هڪ موقعي تي پي ٽي آءِ جي ميمبر راجا اظهر پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وٺڻ کان بغير زوردار آواز ۾ چيو ته اسان جي وزيراعظم کي سليڪٽڊ چوڻ وارو پاڻ ڊفيڪٽڊ ليڊر آهي ان جي اهڙي جملي تي ايوان ۾ هنگامو شروع ٿي ويو، پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جو چوڻ هو ته ماحول سٺو هلي رهيو آهي پر بغير ڪنهن سبب جي ان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. فردوس شميم نقوي چيو ته هي پارلياماني لفظ آهي جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ڏينهن توهان جي اڳواڻ خود اهڙا لفظ چيا هئا. ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن گڏجي رڙيون ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري کين هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نشستن تي ويهي رهن ۽ ان وقت اپوزيشن اڳواڻ مخاطب آهي، هن اپوزيشن ميمبرن کي چيو ته توهان کي اسيمبلي جي تقدس جو احترام ناهي پهريون دفعو ايوان ۾ آيا آهيو. ان موقعي تي ايوان ۾ شديد شور شرابو ۽ نعريبازي جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ جيڪي لفظ ادا ڪيا ويا اهي ٺيڪ ناهن ڪنهن جي قيادت جي باري ۾ ناهي ڳالهايو ويندو. هنگامه آرائي دوران سنڌ اسيمبلي جو ايوان مڇي مارڪيٽ وارو ڏيک ڏئي رهيو هو. پ پ جي عورت ميمبر ڪلثوم چانڊيو غصي ۾ پنهنجي نشست تي لڳل هيڊ فون ٽوڙي پي ٽي آءِ جي ميمبر راجا اظهر کي هنيو پر هيڊ فون پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي ميمبر سعيد الله آفريدي کي وڃي لڳو. ايوان ۾ شور شرابي ۽ هنگامي دوران پي پي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر غصي جي عالم ۾ هڪٻئي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ معاملو هٿين پوڻ تائين ذري گهٽ رهجي ويو. تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته اسان جو ليڊر سليڪٽڊ وزيراعظم چيو هو ته عمران خان پاڻ ڊيسڪ وڄائي هئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ذات تي حملو ٿيندو ته زبان سڀني وٽ آهي. هن چيو ته اسان جون مائيڪ به کليل آهن توهان اچو معافي وٺو معاملو ختم ٿي ويندو. سردار شاهه چيو ته اپوزيشن اڳواڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اچو ويهو گڏجي معاملي کي ختم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان وٽ به ڪتاب کليل آهن ۽ تمام گهڻيون ڳالهيون آهن جيڪڏهن هتان اهي ورجهايون ويون ته پوءِ ايوان ۾ بدمزگي پيدا ٿيندي جڏهن به اهڙي ڳالهه ٿيندي آهي ايڪشن ۽ ري ايڪشن ٿيندو آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته اسان معافي ورتي آهي، هن پنهنجي پارٽي جي ميمبر راجا اظهر جي جملي تي ايوان ۾ معافي ورتي بعد ۾ اسپيڪر راجا اظهر جي رمارڪس کي ايوان جي ڪارروائي مان هذف ڪرائي ڇڏيو. هنگامه آرائي بعد ميمبر سنڌ اسيمبلي فرخ شاهه بجيٽ تي مختصر خيالن جو ڪري سگهيو جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڄ اربع ڏينهن منجهند جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟