نيب چيئرمين دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، جاچ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد(بيورو) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مبينا ڪرپشن جي تحقيق جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مبينا ڪرپشن جي جي الزامن جو نوٽيس وٺندي ڊي جي نيب راولپنڊي کي معاملي جي تحقيقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيئرمين نيب جاچ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ اوچتو اضافي سميت معاملي جي سڀني رخن کان جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ ذميوارن کي قانون موجب منطقي انجام تائين پهچائڻ جو به حڪم ڏنو. واضح رهي ته قيمتن ۾ بي انتها اضافي سان دوائون عام ماڻهن جي پهچ کان نه صرف ٻاهر پر مارڪيٽ ۾ به دستيابي مشڪل بڻجي وئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں