“اسان جو سليڪٽيڊ وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي” بلاول جي تقرير تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن جو احتجاج گوڙ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو سليڪٽڊ وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي، جيڪڏهن ڪڍڻو آهي ته ان کي ڪڍيو وڃي. اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل اجلاس ۾ منهنجي خلاف هڪ وزير ڪجهه لفظ چيا، ان حوالي سان پنهنجي وضاحت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، مان گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي قصائي وزيراعظم جي حوالي سان چيو هو ته هو گجرات جو قصائي آهي ۽ مودي چونڊون کٽڻ لاءِ ايٽمي جنگ شروع ڪرڻ چاهي ٿو پر منهنجي غير موجودگي ۾ هڪ وزير غير مناسب لفظ استعمال ڪيا، اهو بلڪل نامناسب آهي ته ڪنهن وزير جي غير موجودگي ۾ ان تي ڳالهايو وڃي، مون لاءِ ملڪ دشمن جا لفظ استعمال ڪيا ويا، اسان لاءِ اهڙا الزام ڪا نئين ڳالهه ناهي، شهيد بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطما جناح کي ملڪ دشمن چيو ويو. پ پ چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته حڪومت جي هڪ وزير جا دهشتگردن سان لاڳاپا آهن، حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ سنجيده آهي ته ان وزير کي ڪڍڻو پوندو، دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جو گهرو وزير دهشتگردن سان لاڳاپا رکي ٿو، جمهوريت دشمن وزير اسان کي خطرو سمجهن ٿا، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته انهن جي گارين سان اسان خاموش ٿي وينداسين ته اهو ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن ضياءَ ۽ مشرف جهڙن آمرن کان نه ڊڳاسين ته ڪٺ پتلي ڇا ڪندا، اسان انهن جي غريب دشمن پاليسين کي بي نقاب ڪندا رهنداسين. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهو شخص ڪالعدم تنظيمن سان گڏجي چونڊ وڙهندو آهي، اهو پڙهيو لکيو جاهل شخص آهي، اهو نااهل ۽ نالائق شخص آهي. پ پ چيئرمين جي تقرير دوران حڪومتي ميمبر سيٽن تي بيهي رهيا ۽ سخت احتجاج ڪيو. بلاول چيو ته 10 سالن کان چئي رهيا آهن جيڪو نقصان ٿيو اسان جي ڪري ٿيو، اسان قرض ورتو، پئسو ضايع ڪيو ته هاڻ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي وزير کان ڇو نٿا پڇو، ڳالهه اتي ختم ناهي ٿي پر اسان جي ويچاري فواد کي ڇو ڪڍيو ويو. هن چيو اسان کي ٻڌايو ته سهي ناڻي واري وزير کي ڇو ڪڍيو ويو؟ ڇا توهان مڃي ڇڏيو ته توهان جو وزير ڪالعدم تنظيم سان گڏ چونڊ وڙهيو، مان چيو هو اهو نالائق ۽ نااهل آهي، هاڻ گهٽ ڏينهن رهجي ويا آهن ته ناڻي واري وزير کي ڪڍيو ويو ۽ لڳايو ڪنهن کي ويو، آصف زرداري جي ناڻي واري وزير کي، هڪ اک سان ڏسو ته مشرف جي ڪابينا، ٻي اک سان ڏسو ته پ پ جا وزير نظر اچن ٿا.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں