تهران(م ڊ) وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر حسن روحاني پاڪ ايران تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو عزم ڪيو ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏيل\ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو . وزيراعظم عمران خان ايراني صدر حسن روحاني سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پرجوش استقبال تي مشڪور آهيان. ايران جي حالتن ۾ نمايان تبديلي آئي آهي. ايراني معاشري ۾ سماجي مساوات جو عڪس نظر اچي ٿو. هن چيو ته ڪنهن دهشتگرد تنظيم جي پاڪستان جي خلاف ڪارروائي قبول ناهي. دوري جو مقصد ويجهڙائپ آهي. اسان کي پاڻ ۾ دوريون ختم ڪرڻيون پونديون. دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن لاءِ چيلينج آهي. پاڪستان دهشتگردي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي فورس جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن. عمران خان چيو ته دهشتگردي جي معاملن تي ٻنهي ملڪن ۾ دوريون ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري پاڪستان اهو فيصلو ڪنهن به ٻاهرين دٻاءُ تحت ناهي ڪيو. افغان جنگ سان پاڪستان ۽ ايران گهڻو متاثر ٿيا آهن. افغانستان ۾ امن پاڪستان ۽ ايران جي حق ۾ آهي. پاڪستان ۽ ايران ۾ لکين افغان پناهگير رهندا آهن. هن چيو ته انصاف کان سواءِ امن ممڪن ناهي. فلسطيني عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي. اسرائيل عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون ڪندي فلسطيني عوام مٿان ظلم ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ستر هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. جڏهن ته قتل غارت جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته عمران خان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سرحدن تي سيڪيورٽي جا معاملا ۽ ايران پاڪستان گيس پائيپ لائين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جڏهن ته ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيارڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ايراني صدر حسن روحاني چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تهران جي دوري سان خوشي ٿي آهي. عمران خان جي دعوت تي به جلد پاڪستان جو دورو ڪندس. ياد رهي ته ان کان پهرين وزيراعظم عمران خان ايران جي صدارتي محل سعدآباد پيلس پهتو جتي ايراني صدر حسن روحاني وزيراعظم جو پرجوش استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا. جنهن کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ايراني صدر حسن روحاني سان به ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ پهتو هو جتان ايران جي هيلٿ واري وزير سعيد ناما وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ ايئرپورٽ تي ئي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تهران اچڻ کان اڳ عمران خان ايران جي شهر مشهد به ويو جتي گورنر جنرل خراسان علي رضا رزم حسيني وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مشهد ۾ قرآن پاڪ ميوزيم ۽ امام رضا جي روضي مبارڪ جو به دورو ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ وفد ۾ شيرين مزاري، علي حيدر زيدي، عبدالرزاق دائود، خصوصي معاون زلفي بخاري، ظفرالله مرزا ۽ نديم بابر به شامل هئا. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟