ڪراچي ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ذهني طور مفلوج بڻيل معصوم نشوا زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺي

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غلط انجيڪشن سان متاثر ٿيل 9 مهينن جي ٻارڙي نشوا ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو نشوا لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل هئي کيس درالصحت اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳائي ويئي لياقت نيشنل اسپتال جي ترجمان مطابق خانگي اسپتال دارالصحت ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سان معصوم نشوا لاڏاڻو ڪري ويئي. غلط انجيڪشن لڳڻ سان نشوا جو 71 سيڪڙو دماغ متاثر ٿيو گذريل ڏينهن نشوا ڪيس ۾ غفلت ڪرڻ تي دارالصحت اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شهزاد عالم پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي ۽ انتظاميه اعلان ڪيو هو ته ٻارڙي جي والدين جي هر حوالي سان مدد ڪئي ويندي. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪوشش ڪرڻ باوجود نشوا جي حياتي نه بچڻ تي افسوس آهي. هن چيو ته نشوا کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جو پلان جوڙيو پئي ويو پر فوت ٿي وئي، سندس وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں