اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ موبائيل فون ٽيڪس بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ مان اپيل آئي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪٿي ڪيتري ٽيڪس لڳائڻي آهي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ موبائيل فون ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته موبائيل فون ٽيڪس جي معاملي تي حڪومت جو ڪهڙو موقف آهي، حڪومت موجب معاملو 184 ٽي جي اختيارن جي دائري ۾ نه ٿو اچي، ڪيس جو اصل معاملو ڇا آهي، هڪ لائن ۾ ٻڌايو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ڪيس جو اشو هڪ لائن ۾ نه ٻڌائي سگهيو. هن چيو ته ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ مان اپيل آئي اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪڏهن، ڪٿي ڪهڙي ٽيڪس لڳائڻي آهي. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو آهي ته حڪومت قانون صحيح لاڳو ڪيو آهي، اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪٿي قانون غلط ته ناهي. چيف جسٽس چيو ته اهڙي قانون ذريعي وڏي رقم عوام جي کيسن مان ڪڍي وئي آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ايڊوانس ٽيڪس تعريف جي حساب سان انڪم ٽيڪس آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽيڪس ڏيڻ جي تعريف ۾ نه ايندڙ صارف ڪيئن ادائيگي ڪري سگهي ٿو، حڪومت هڪ ميڪنزم بڻائي ته جيئن نان فائلر کان ٽيڪس نه ورتي وڃي. هن اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ايڊوانس ٽيڪس ڇا آهي موبائيل ڪارڊ خريد ڪرڻ وقت ٽيڪس نه ورتي ويندي آهي، ڪارڊ لوڊ ڪرائڻ وقت ٽيڪس ڪٽي ويندي آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته ڪارڊ لوڊ ٿيڻ بعد ڪيئن سرٽيفڪيٽ ورتو ويندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته انڪم ٽيڪس سان يوٽيلٽي بلز ٽيڪس کي به ڏسڻو پوندو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟