سريلنڪا ۾ بدترين دهشتگردي: مارجي ويلن جو انگ وڌي 290 ٿي ويو، ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ

0Shares

ڪولمبو (م ڊ) سريلنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو ۾ ايئرپورٽ ويجهو هٿ آيل ديسي قسم جو پائپ بم ناڪاره بڻايو ويو گرجا گهرن ۽ هوٽلن ۾ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ 290 ٿي ويو ۽ 500 زخمي اهن بم ڌماڪن ۾ ملوث هئڻ جي شق ۾ 24 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ملڪ ۾ خطري جي سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ سيڪيورٽِ ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو افواهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي عارضي پابندي مڙهي ويئي سريلنڪا جي گرجا گهرن ۽ هوٽلن ۾ دهشتگردي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 290 ٿي ويو رات دير سان ڪولمبو ايئرپورٽ ويجهو هڪ پائيپ بم هٿ آيو جنهن کي ناڪاره بڻايو ويو ڌماڪن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ جيڪو ڪرفيو لڳايو ويو هو اهو سومر جي صبح 6 وڳي ختم ڪيو ويو بم ڌماڪن ۾ مارجي ويل پرڏيهين ۾ ڀارت، برطانيا، چين جاپان، ڊينمارڪ ۽ ترڪي جا شهري به شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں