صدارتي نظام جون ڳالهيون اڳ به ٿينديون رهيون، انهن جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄڪلهه صدارتي نظام جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، پهريان به هي بحث ٿيندو رهيو آهي پر هن جو ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، آئين ۾ سينيئر وزير جي عهدي جي گنجائش موجود آهي. هن اهڙو اظهار سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ سنڌ جي قانون واري کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران مختلف ميمبرن جي لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وڏو وزير سنڌ جي قانون واري کاتي جو انچارج وزير پڻ آهي. جي ڊي اي جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي نشاندهي ڪئي ته صوبي جي ايتري وڏي آبادي لاءِ پراسيڪيوٽرز جو تعداد تمام گهٽ آهي تنهن تي سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ هڪ خودمختيار ادارو آهي، پراسيڪيوٽرز جون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿينديون آهن. ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف چيو ته پراسيڪيوٽرز جون گهڻي قدر ڀرتيون ڳوٺاڻي  سنڌ مان ٿيون آهن. ايوان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي 27 ضلعن جي عدالتن ۾ 42 هزار ڪرمنل ڪيس التوا هيٺ آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن ثالثي جو نظام متعارف ڪرايو آهي ان جو مقصد هي آهي ته ڪيسن کي جلد از جلد اڪلائي سگهجي. ڪارروائي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان وچ ۾ جملي بازي به ٿيندي رهي. اسپيڪر خرم شير زمان کي چيو ته توهان ماڻهن پاڻ رولز ٺاهيا آهن ۽ توهان سوالن جي جاءِ تي تقريرون ڪندئو ته جواب لاءِ ٻيا ميمبر رهجي ويندا ان دوران وڏي وزير به چيو ته فاضل دوست جيڪو سوال ڪيو آهي تنهن جو جواب مان 3 دفعا ڏئي چڪو آهيان جيڪڏهن هي تقريرون ڪندا ته پوءِ ان جو جواب جلسي ۾ ڏيندس. جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته توهان کي حڪومت ڪندي 11 سال ٿي چڪا آهن پر هن وقت تائين به ڪا اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي، ڇا سبب آهي ڪيس وڌي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته اسان هن وقت 542 ڊي پي پيز ڀرتي جي لاءِ جن مان 76 پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪيا ويا آهن. هن چيو ته مرحوم اياز سومرو جڏهن قانون جو وزير هو ان وقت به اسان ڀرتيون ڪيون هيون. نصرت سحر عباسي چيو ته محرابپور نوشهرو فيروز ۾ 32.998 ملين رپين جي لاڳت سان عدالتي عمارت هلندڙ سال مڪمل ٿيڻي آهي اها ڪڏهن مڪمل ٿيندي تنهن تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته مون کي معلومات ناهي پر ايتري خبر آهي ته جون 2020ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن تي نصرت سحر چيو ته عوام جو پئسو آهي پر واويلا وفاق جي ڪئي پئي وڃي، اسان سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. هن وڏي وزير کي چيو ته توهان ٻڌايو ته اڪائونٽنٽ جنرل جيڪو چيو آهي ته 292 ارب رپين جو رڪارڊ ناهي جنهن تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته مان جواب ڏيندس ته چيو ويندو سِريو ڪيترو هو سيمينٽ ڪيترو هو. اجلاس دوران سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن پاران ڪوئٽا ۾ هزاره فيملي، سانحا مڪران ڪوسٽل هاءِ وي، سريلنڪا ۾ ٿيل دهشتگردي ۽ ڪراچي جي معصوم ٻارڙي نشوا جي معاملي تي مذمتي قراردادون ايوان ۾ پيش ڪيون ويون، حڪومت جي هزاره ڪميونٽي جي مارجڻ واري مذمتي قرارداد مير نادر مگسي ۽ اپوزيشن ميمبر نصرت سحر، متحده جي رعنا انصار گڏيل طور پيش ڪئي. قرارداد تي ڳالهائيندي نادر مگسي چيو ته بلوچستان ۾ جهڙي طرح هي ڪم ڪيو ويو اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي ان واقعي بعد گوادر ۾ جيڪا سيڙپڪاري آئي آهي اها به متاثر ٿيندي جيڪڏهن بلوچستان متاثر ٿيو ته اها پاڪستان کي ٽارگيٽ ڪرڻ برابر ڳالهه هوندي. متحده جي رعنا انصار چيو ته هي واقعا خطرناڪ آهن ڇا هزاره ڪميونٽي پاڪستاني ناهي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف چيو ته هزاره ڪميونٽي سان ٿيندڙ واقعا جيڪي مذهبي اڻبرابري سبب ٿيا آهن اهي انتهائي افسوسناڪ آهن. هزاره پرامن ماڻهو آهن پهريان اهڙا واقعا نه ٿيندا هئا لڳي ٿو ته معاشري مان عدم برداشت جو رويو ختم ٿيندو پيو وڃي. صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته اسان صرف مذمت ئي نه پر هن ملڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح موجب عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ هڪ مائينڊ سيٽ ان تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن بعد ايوان بلوچستان جي هزار گنجي مارڪيٽ ۾ هزاره فيملي تي حملي ۽ شهادتن خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي. ايوان جي ڪارروائي دوران حڪومت ۽ اپوزيشن گڏيل طور سانحا مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ٿيل واقعي خلاف مذمتي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جيڪا حڪومت پاران سردار چانڊيو ۽ پي ٽي آءِ جي سيما ضياءَ پيش ڪئي. سردار چانڊيو چيو ته بلوچ قوم جو نالو وٺي بلوچستان ۾ واقعا ڪيا ويندا آهن، اسان پاڪستان جي جهنڊي هيٺ سڀ متحد آهيون. هن چيو ته اسين ايئر فورس ۽ پنهنجي جوانن سان گڏ آهيون چاهي اهي سنڌ ۾ رهن يا بلوچستان ۾ هجن. ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف چيو ته اسان پنهنجي شهيد فوجين جي پيش ايندڙ واقعي تي انتهائي ڏکارا آهيون. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ايران ڪجهه هندستان، ڪجهه بلوچستان ۽ ڪجهه افغانستان ۾ آهن، هي ماڻهو ايران مان آيا ۽ حملو ڪيو. پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سيما ضياءَ ۽ پي پي جي غزاله سيال 9 مهينن جي معصوم ٻارڙي نشوا جي موت تي پڻ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ ان جي موت جي جاچ ڪرائڻ ۽ غفلت ڪندڙ ماڻهن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ايوان اها قرارداد به منظور ڪري ورتي جڏهن ته سريلنڪا ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن خلاف به هڪ مذمتي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جيڪا متفقه طور منظور ڪئي وئي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ايندڙ جمعي تائين ايوان جي معمول واري ڪارروائي کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان دوران ايوان ۾ سوالن جو وقفو ۽ بجيٽ تي بحث ٿيندي. ان حوالي سان پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هڪ رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جنهن کي منظور ڪيو ويو جنهن بعد ايوان ۾ پري بجيٽ (بجيٽ کان پهريان) بحث جو آغاز ٿي ويو. اسيمبلي ۾ ايوان پنج ڏينهن پري بجيٽ بحث ڪندو. بجيٽ تي بحث جي آغا ۾ پي پي جي ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته پيپلز پارٽي ترقي لاءِ فري منصوبا شروع ڪيا آهن ۽ انهن کي مڪمل به ڪيو آهي. ملڪ جي ٻين صوبن کي سنڌ سان نه ڀيٽيو وڃي، پهريان ڪراچي ۾ هر طرف غلاظت هئي پر هاڻي ان کي اسلام آباد سان ڪمپيئر ڪري سگهجي ٿو. پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ڀرپور انداز ۾ خدمت ڪئي آهي. اجلاس  دوران سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته جيڪب آباد شهر ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ۽ ايمبولينس سروس کان علاوه بهترين اسپتالن جون سهولتون موجود آهن، ان ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي ته هتان جا ماڻهو طبي سهولتن کان محروم آهن. هن اهڙو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر اسلم ابڙو جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيو. اسلم ابڙو جو چوڻ هو ته جيڪب آباد سڄي ضلعي ۾ هنگامي طبي سهولتون نه هجڻ سبب عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هڪڙو ڊاڪٽر موجود هوندو آهي حادثن ۾ ماڻهو مري ويندا آهن. هن چيو ته جيڪب آباد سان هي زيادتيون ڇو آهن، ايمبولينسون ناهن زخمي ماڻهن کي ٽريڪٽر ٽرالين تي رکي اسپتال آندو ويندو آهي تنهن تي امتياز شيخ چيو ته اتي ڊاڪٽرن جي کوٽ ضرور آهي ان لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڀرتي لاءِ چيو ويو آهي. جيڪب آباد ۾ آمريڪي مدد سان اسپتال ٺهي آهي ۽ ماڻهو پري پري کان علاج لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته وڏي وزير ڪانٽريڪٽ تي فوري طور تي ڀرتي ڪرڻ ۽ بعد ۾ ڪميشن اچڻ تائين علاج کي مستقل رکڻ جو چيو آهي. پي ٽي آءِ جي سدره عمران بدين ڪاليج ۾ سهولتن جي عدم فراهمي تي ڌيانن ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو سندس چوڻ هو ته گورنمينٽ بواءِ ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ تدريسي سهولتون ۽ سائنس ليب، ڪلاس روم فرنيچر، ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻيون سهولتون ميسر ناهن جنهن تي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته اسان سڀ ضرورتون پوريون نه ڪري سگهيا آهيون ڪنهن حد تائين ڳالهه درست آهي پر استاد ناهن اها غلط آهي اتي 22 استاد مقرر ٿيل آهن جيڪڏهن اهي اچن نٿا ته ايڪشن کڻنداسون. هن چيو ته جيتري قدر ليب جو معاملو آهي ان سلسلي ۾ ڪنهن به شاگرد جي داخلا ناهي تنهن سبب ليب جي هن وقت ضرورت ناهي. هن چيو ته مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي اسان حل ڪنداسون. متحده جي ڪنور نويد جميل مقررين جي جعلي آرڊرز جي ورهاست تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت پاران اهڙن جعلي آرڊرز نڪرڻ خلاف جوڳا قدم کڻي. هن چيو ته اسان هتي مهاجر ٿيڻ نه پر پاڪستاني بڻجڻ آيا هئاسون، پوليس ۽ گهرو کاتي ۾ ڪراچي جي ڪنهن به شهري کي ڀرتي ناهي ڪيو ويو، 40 مقررين ۾ ڪو به ڪراچي واسي ناهي. هن چيو ته ناانصافي جي ازالي لاءِ سي ايم، بلاول ۽ آصف زرداري کان علاوه فوج، وزيراعظم ۽ عدالتن کان علاوه سفارتخانن ۽ نيب وٽ به وينداسون. صوبائي حڪومت صرف ديهي سنڌ جي حاڪم ناهي سڀني جي عزت آهي پر سڳن ڀائرن ۾ انصاف جي اڻبرابري ڪو به برداشت ناهي ڪندو. هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙن کي ماري ماري صوبي مان ڪڍيو ويو آهي. ڪنور نويد جميل چيو ته اهڙي خودمختياري ۽ 18هين ترميم جنهن سبب ماڻهن کان روزگار کسيو وڃي ان سان تي لعنت وجهون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته صوبائي حڪومت زيادتين جو ازالو ڪري جيڪي ماڻهو ڪراچي جي سيٽن تي ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن کي ڪڍيو وڃي. اهڙي جواب ۾ مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان سڀ هڪ آهيون، اسان نه اردو ڳالهائيندڙن جو فرق رکيو آهي ۽ نه رکون ٿا. پهريان اسين سڀ پاڪستاني آهيون پوءِ ڪجهه ٻيا. صوبائي وزير چيو ته جعلي ڀرتيون اسان نه پر ٻين ماڻهن ماضي ۾ ڪيون آهن هاڻي اهو زماني گذري ويو، جعلي آفر ليٽر ڏيندڙ گروهه سنڌ پوليس پڪڙيو، ڪارروائي به ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن اهڙو عمل هاڻي ڪو ڪندو ته پيپلز پارٽي ان کي قبول نه ڪندي. ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي بدين ۾ غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ هنگامي حالت بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ واهيپيدارن جي فون ڪال به وصول ناهي ڪئي ويندي. تنزيلا قمبراڻي جي ڪال اٽينشن، صوبائي وزير نه هجڻ سبب پوئتي ڪئي وئي.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں