پاڪستان ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت حوالي ڪري ڇڏيا

0Shares

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اختيارين ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت حوالي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب 471 ڀارتي پاڪستاني جيلن ۾ قيد آهن، جن بابت فهرست ڀارت حوالي ڪئي وئي آهي. ڀارتي قيدين ۾ 418 مهاڻا ۽ 53 سول قيدي آهي. ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر سال ٻه ڀيرا قيدين بابت فهرست جي ڏي وٺ ٿيندي آهي. ڀارتي حڪومت به پاڪستاني قيدين جي فهرست اسان جي حوالي ڪندي. ٻئي ملڪ معاهدي تحت سال ۾ ٻه ڀيرا پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي قيدين جي فهرست هڪٻئي حوالي ڪندا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں