بدين ويجهو مسافر ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، عورتن ۽ ٻار سوڌو 9 ڄڻا فوت، 47 زخمي

0Shares

بدين(ڊ ر) بدين ويجھو خوفناڪ حادثو عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت 47 زخمي بدين ڪراچي روڊ تي مورجھر ويجھو اسلام ڪوٽ مِٺي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ تان ڪلٽيون کائڻ بعد روڊ ڀرسان کاهي ۾ ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ بدين اسلام ڪوٽ مِٺي چيلهيار ڪلوئي جي 5 رهواسين پنجاب جي ميانوالي جي رهواس ڊرائيور سميت 7 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪوچ ۾ سوار مسافر 75 مسافرن مان 47 مسافر جنهن ۾ 15 کان وڌيڪ عورتون ۽ ۽ ٻار شامل آهن سخت زخمي ٿي پيا خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ موقعي تي فوت ٿيندڙن ۾ ڪوچ ڊرائيورميانوالي واسي رمضان عرف مانو ولد شاهجهان بدين واسي او جي ڊي سي ملازم عبدالله ولد غلام محمد ميمڻ ۽ 3 مهينن جي معصوم نياڻي انيا ڌيءَ رضوان کٽي مِٺي شهر جو رهواسي  تيرٿ ولد چاندو مل ڀوش ڪمار ولد چندر لوهاڻه ڪلوئي جي رهواسڻ مسمات زينب زال حاجي هارون عمراڻي چيلهيار واسي پرڪاش ولد سترام مهيشوري فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ نامعلوم نوجوان جنهن کي انڊس اسپتال آندو ويو جتي هوزخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جي بعد ۾ چيلهار واسي مڌمن ميگهواڙ طور سڃاڻپ ٿي پڻ شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ روي  شنڪر پٽ هري لال محمد شريف غلام حسين ڀيمون ولد ڀونريو منيش پٽ ديپڪ عامر ولد رفيق عبدالرشيد ولد ارباب سميت 47 زخمين کي انڊس اسپتال بدين آندو ويو جتان 10 سخت زخمين جنهن ۾ خادم حسين پٽ شاه محمد رچنا ڌي ڀيم چند بدين شهر جي فهميده زال اقبال راهمون ياسمين زال رضون کٽي ۽ ٻين کي   نازڪ هجڻ تي کين حيدرآباد ۽ ڪراچي علاج لاءِ نيوويو آهي جنهن مان حيدرآباد ريفر ڪيل  بدين واسڻ ۽ حادثي ۾ موقعي تي فوت ٿي ويل معصوم انيا کٽي جي ماءُ  ياسمين زال رضوان کٽي حيدرآباد پهچڻ کان پهرين ئي فوت ٿي وئي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون ڏنيون وڃن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں