خراب ڪارڪردگي ۽ مهانگائي وزيرن کي هٽائڻ ۽ کاتا تبديل ڪرڻ جو سبب بڻي

0Shares

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، اهي ڪهڙا ڪارڻ هئا، جن وزيرن کي لوڙهي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيرن کي تبديل ڪرڻ يا انهن کان وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ جو سبب محڪماڻي ڪارڪردگي، ڳجهون رپورٽس، مانيٽرنگ ۽ عوامي راءِ بڻي آهي، جڏهن ته ڪجهه وزيرن جي ڪارڪردگي تي وزيراعظم سخت ناراض هو ۽ کين گذريل مهيني ئي هٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو. ذريعن موجب وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا اسد عمر سان مهانگائي وڌڻ جي شڪايت ڪندو رهيو ۽ هڪ اجلاس ۾ ته وزيراعظم اسد عمر کي اهو به چيو ته توهان جون پاليسيون غريبن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيون آهن. ذريعن موجب اسد عمر جي حالتون بهتر ٿيڻ وارين تسلين مان وزيراعظم مطمئن نه ٿيو ۽ آخري ٻن اجلاسن ۾ اسد عمر سان ڪيترن ئي وزيرن جا چند چڪ پڻ ٿيا. ذريعن موجب گئس جي بلن ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ ۽ سخت دٻاءُ سبب غلام سرور خان کي تبديل ڪيو ويو، دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي وزيراعظم صحت واري وزير عامر ڪياني کي ناراضگيءَ جو پيغام پهچايو. ذريعن موجب وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ اختلافن جي وڪڙ ۾ آيو ۽ هن جي ايم ڊي پي ٽي وي تي تنقيد ۽ ملازمن جي مظاهري ۾ آمد پارٽي قيادت کي نه وڻي. ذريعن دعويٰ ڪئي ته فواد چوڌري کي سينيئر پارٽي اڳواڻن تي تنقيد پڻ مهانگا پئي، جڏهن ته کيس خواهش ۽ مرضيءَ مطابق نئين وزارت ڏني وئي. ذريعن موجب اعظم سواتي جي ڪابينا ۾ واپسي جو فيصلو پڻ هڪ مهينو پهريان ڪيو ويو هو ۽ وزيراعظم اعظم سواتي جي واپسي تائين وزارت سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي خالي ڇڏي هئي. ذريعن موجب شهريار آفريدي اختيارن باوجود متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، جنهن تي کيس عهدي تان هٿ ڌوئڻو پيو. ذريعن موجب فردوس عاشق اعواڻ کي وزارت اطلاعات جون ذميواريون سونپڻ جو فيصلو وزيراعظم هڪ مهينو پهريان ڪيو هو، اعظم سواتي، اعجاز شاهه ۽ عبدالحفيظ شيخ کي وزارتون ڏيڻ جو فيصلو صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں