نيب گاڏين جي غلط استعمال بابت شڪايتن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) قومي احتساب بيورو نيب راولپنڊي نواز شريف، مريم نواز ۽ ٻين خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس تيار ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته نيب راولپنڊي گاڏين جي غلط استعمال بابت نامعلوم شڪايتن تي جاچ ڪري رهي آهي.رپورٽ موجب نيب ٽيم نواز شريف جي ضمانت ختم ٿيڻ بعد جيل ۾ بيان قلمبند ڪندي. شاهد خاقان عباسي جو به سرڪاري گاڏين جي غلط استعمال ڪيس ۾ بيان قلمبند ٿي چڪو آهي، جڏهن ته آءِ بي جي سربراهه آفتاب سلطان کي به طلب ڪيو ويو پر هو پيش نه ٿيو.  گاڏين جي ڪيس ۾ پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جا به بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. نواز شريف ۽ سندس گهر وارن تي ٽيهه سرڪاري گاڏين جي غلط استعمال جو الزام آهي. بي ايم ڊبليو گاڏيون سارڪ ڪانفرنس جي موقعي تي پرڏيهي آفيس خريد ڪيون هيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں