ناڻي واري وزير اسد عمر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، فواد چوڌري، غلام سرور، شهريار آفريدي ۽ عامر ڪياني جا کاتا تبديل

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار ڪندي فواد چوڌري سميت ٻين وزيرن کان سندن قلمدان واپس وٺي ڇڏيا. وزير اعظم هائوس طرفان جاري پڌرائي موجب فواد چڌري کان سڌُ سماءَ واري وزارت واپس وٺي کيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب اعجاز شاهه وفاقي گهرو وزير بڻايو ويو آهي.  ان کان سواءِ غلام سرور خان کان پيٽروليم واري وزارت وٺي ايوي ايشن واري وزارت ڏني وئي آهي، شهريار آفريدي هاڻ مملڪتي گهرو وزير نه پر رياستي ۽ سرحدي معاملن بابت مملڪتي وزير (سيفران) هوندو. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب محمد ميان سومري کان ايوي ايشن واري وزارت ورتي وئي آهي جڏهن ته خانگائڻ واري وزارت جو قلمدان هن وٽ ئي رهندو. وزير اعظم آفيس موجب ظفر الله مرزا کي وزير اعظم جو نيشنل هيلٿ بابت صلاحڪار بڻايو ويو آهي جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ کي وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. عبدالحفيظ شيخ کي ناڻي وارو صلاحڪار بڻايو ويو آهي ۽ في الحال ناڻي واري وزير جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. اعظم سواتي کي پارليماني معاملن بابت وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. وزير اعظم آفيس جي ترجمان موجب نديم بابر کي وزير اعظم جو پيٽروليم ڊويزن بابت خاص مددگار جڏهن ته ظفر الله مرزا کي قومي صحت بابت مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور کان ڪشمير معاملن، عامر محمود ڪيان کان قومي صحت ۽ طارق بشير چيما کان هائوسنگ جي وزارت به واپس ورتي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم واري وزير کان استعيفيٰ ناقص ڪاڪردگي جي بنياد تي ورتي وئي آهي. ذريعن موجب مونس الاهي کي هائوسنگ واري وزارت ڏيڻ جا امڪان آهن. ان حوالي سان فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام چيو آهي ته وزير اعظم وفاقي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وزير اعظم آفيس ان حوالي سان اعلان ڪندي. ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر  عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ وڌيڪ مشڪل هوندي، اهو نه ٿو چئي سگهان ته ٽن مهينن ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وڌنديون. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون اينديون، وزيراعظم اڄ يا سڀاڻي ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون آڻيندو. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم ملڪ جي بهتري لاءِ تبديليون ڪري رهيو آهي. اسد عمر چيو ته  عمران خان بار بار چئي چڪو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم چاهي ٿو ته مان توانائي واري وزارت سنڀاليان پر مان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي پروگرام تحت ئي ٺهندي،  نئين پاڪستان لاءِ منهنجون خدمتون حاصر آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڇڏڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پاور پاليٽيڪس جو حصو نه رهيو آهيان. اسد عمر چيو ته اسان جي معيشت ڏکي وقت مان گذري رهي آهي، ڪنهن به سازش جو حصو نه آهيان، جيڪو به ڪندو آهيان سڀني جي سامهون ڪندو آهيان. هن چيو ته اڄ به پڪ آهي ته نئون پاڪستان ٺهندو ۽ عمران خان قيادت ڪندو. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم پهريون به چيو هو ته جيڪو ڪارڪردگي ڏيکاريندو ڪابينا ۾ رهندو. اسد عمر چيو ته مان پاڪستان جي بهتري لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيس، عوام جو تيل ڪڍڻ جي فيصلن ۾ شامل نه ٿيندس. هوڏانهن خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اسد عمر چيو ته وزارت ڇڏڻ سان ملڪ جي معيشت بهتر ٿئي ٿي ته پوءِ اهو بهترين فيصلو آهي. اسد عمر چيو ته استعيفيٰ جي سلسلي ۾ وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه رات جو شروع ٿي هئي ۽ ملاقات صبح جو ٿي، وزارت تان هٽائڻ جون ڳالهيون اڳ کان ئي هيون پر حتمي طور ڪالهه رات خبر پئي، وزيراعظم سان شروعاتي ڳالهه ٻولهه واٽس ايپ تي ٿي هئي، وقت ٻڌائيندو ته منهنجي فيصلي سان معيشت بهتر ٿي يا نه. هن چيو ته مان جيترو ڪم ڪيو ان سبب ڏاڍي ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيو هيس، ناڻي واري وزارت سنڀالڻ ڏکيو ڪم آهي، روز ورزش جو به وقت نه ملندو هو، مون کي ٻه ڀيرا پارٽي جو سيڪريٽري جنرل بڻجڻ لاءِ چيو ويو پر انڪار ڪري ڇڏيم، جڏهن عمران خان وٽان استعيفيٰ جي ڳالهه ٻڌي ته پنهنجي اسٽريس ليول هيٺ ٿيندي ڏٺم. سندس چوڻ هو ته نه مان مايوس آهيان ۽ نه ڪاوڙ ۾ آهيان، استعيفيٰ جي خبر پاڻ ڏيڻ پئي چاهيم، ليڊرشپ ۾ پسند ناپسند تي فيصلا ناهن ٿيندا، عثمان بوزدار سان منهنجي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، هو پنجاب جو وڏو وزير آهي، وزيراعظم ٻه کان ٽي نالا ٻڌايا هئا ته هيءَ تبديلي ڪري رهيا آهيون، حفيظ شيخ سان گڏ تمام گهڻو ڪم ڪيو هو نفيس انسان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ٿي سگهي ٿو آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ منهنجي وزارت ڇڏڻ جو سبب بڻيو هجي، آمريڪي سيڪريٽري آءِ ايم ايف کي تنبيهه ڪري رهيو هو ته پئسو چين جو قرض ادا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿئي، آءِ ايم ايف سان نومبر ۽ اڄ جي معاهدي ۾ واضح فرق آهي، اڄ جو معاهدو عوام ۽ پاڪستان لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. اسد عمر چيو ٻن سالن کانپوءِ عمران خان ٻيهر گهرايو ته صورتحال ڏسنداسين، انڪار ڪنهن ڳالهه کان ناهي پر پنهنجي پروفيشنل ازم کان هٽي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، ٿي سگهي ٿو نئين ناڻي واري وزير جي چوڻ تي هڪ نئين معاشي ٽيم اچي، جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته منهنجي ٽيم ۾ سڀ قائم هئا ته ائين ناهي. هن چيو ته مان ڪم ڪيا ڪجهه سٺا نتيجا نڪتا ۽ ڪجهه نتيجا ناهن مليا، پارٽي ۾ جيڪڏهن ڪنهن اختلاف ڪيو ته مان پوئتي مُڙي ڪڏهن نه پڇيو، آءِ ايم ايف چوندو هو ته ته پاڪستاني معيشت جون ايتريون خطرناڪ حالتون اڳ نه هيون، اسان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ معيشت ۾ واضح هدفن اندر بهتري نظر آئي. سندس چوڻ هو عمران خان مون کي چيو توهان سان فيصلن ۾ صلاح مشورو ڪندو آهيان، مان جواب ڏنو هاڻ به مشورو وٺي سگهو ٿا ڪنهن منع ناهي ڪيو، منهنجو ڪابينا ۾ هجڻ ضروري ناهي، نٿو ٻڌائي سگهان ته حڪومت ۾ منهنجو ڪردار ڪيترو فعال هوندو پر هاڻ به پارٽي ۽ حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ناڻي واري وزارت ڇڏي آهي پر سياست ڇڏڻ جو ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته حڪومت جا 8 مهينا پورا ٿي رهيا آهن، معيشت جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري جو بيان سياسي آهي، ن ليگ ۽ پ پ جي شروعاتي 8 مهينن کان اسان جا 8 مهينا بهتر آهن، انگن اکرن موجب اسان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته مان اسيمبلي ۾ اهو نه چيو هو ته ايمنسٽي اسڪيم نه ڏيو پر تجويزون ڏنيون هيون، ايمنسٽي اسڪيم ذريعي ماڻهن کي سسٽم ۾ آڻڻ پئي چاهيو، اهڙي اسڪيم سان اخلاقي نقصان ئي ٿيڻو هو، جنهن کانپوءِ به ماڻهو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رهن ها.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں