ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان صوبي جي ضلعي گوادر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي اڻڄاتل هٿياربندن بس مان لاهي 14 مسافرن کي قتل ڪري ڇڏيو شهيدن ۾ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ، نيوي جا اهلڪار به شامل هئا ٻن ڄڻن ڀڄي حياتيون بچايون ۽ ليويز کي واقعي جو اطلاع ڏنو سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب اربع ۽ خميس جيوچ واري رات گوادر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ جي هنڌ وٽ سيڪيورٽي فورسز جي وردي پهريل 15 کان 20 هٿياربندن ڪراچي کان گوادر ۽ گوادر کان ڪراچي ويندڙ مسافر بسن کي چيڪنگ جي بهاني روڪي بسن ۾ موجود مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ۽ مختلف بسن مان 16 ڄڻن کي لاهي پاڻ سان گڏ وٺي ويا جنهن کان پوءِ دهشتگردن هٿ ٻڌي 14 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن لاش مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي نوربخش هوٽل ويجهو اڇلائي فرار ٿي ويا فائرنگ دوران ٻه مسافر موقعو ڏسي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن ويجهي ليويز ٿاڻي کي واقعي بابت اطلاع ڏنو واقعي بابت اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش تحويل ۾ وڍي اورماڙه اسپتال منتقل ڪري ڇڏي جتي لاشن جي سڃاڻپ يوسف، وسيم، فرحان الله، علي رضا، ذوالفقار، هارون، علي اصغر، حمزه، رضوان، ذهين جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ جاري هئي ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ سرڪاري ملازم به شامل آهن جن جو تعلق پاڪستان نيوي، ايئرفورس، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز سان ٻڌايو پيو وڃي ذريعن موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري حيدر علي تصديق ڪئي ته هٿياربندن فرنٽيئر ڪور پس جون ورديون پهريل هيون گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته مقتولن ۾ نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊ جا اهلڪار به شامل آهن واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز گوادر ۽ ڀرپاسي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي. آءِجي پي بلوچستان حسن بٽ مطابق بزي ٽاپ جي علائقي ۾ رات ساڍي 12 وڳي کان هڪ وڳي تائين اٽڪل 15 کان 20 هٿياربندن ڪراچي کان گوادر ايندڙ ويندڙ پنج کان 6 بسن کي روڪي ان ۾ موجود مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏٺا ۽ کين گاڏي تان لاهي قتل ڪري ڇڏيو. هن واقعي بابت ٻڌايو ته هي ٽارگيٽ ڪلنگ آهي ۽ مقتولن کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي ڀرسان کان گوليون هنيون ويون. ٻئي طرف بلوچ راجي آجوئي سنگر (براس) حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟