ضمانتون رد ڪرڻ بابت اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور، شهباز شريف ۽ فواد حسن فواد 2 مئي تي طلب

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شهبازشريف ۽ فواد حسن فواد جي ضمانت خلاف نيب جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي شهبازشريف ۽ فواد حسين فواد کي 2 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي جڏهنت ه جسٽس اعجازالحسن چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ضمانت جي ڪيس ۾ الزام رد ڪري ڇڏيا قرار ڏنو ته سمورا ٺيڪا ميرٽ تي ڏنا ويا خميس تي فواد حسن ۽ شهبازشريف ضمانت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ۾ جسٽس عظمت شيخ جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي ٻڌني شروع ٿي ته نيب جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته پشاور ۾ ڪيس سبب مان سپريم ڪورٽ ۾ التوا جي درخواست جمع ڪرائي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف غلط خبرون هلايون ويون نعيب بخار يچيو ته ميڊيڪل چيڪ آپ لاءِ ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي هن چيو ته ٻاهرين ملڪ مان ڊاڪٽر کي اچي چيڪ اپ ڪرڻو هو هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي عدم حاضري بابت غلط خبر هلائي ويئي هن چيو ته چيو ويو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سبب سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندس نعيم بخاري چيو ته غلط خبرن جي ڪري عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان هن چيو ته شيانه هائوسنگ سستن گهرن جو منصوبو هو 3 هزار ڪنال ايراضي مان 2 هزار ڪنال ايراضي پيراگون کي ڏني ويئي نعيم بخاري چيو ته احتساب عدالت ۾ ٽرائيل هلي رهيو آهي ثبوت پيش ڪيا پيا وڃن عظمت شيخ چيو ته لڳي ٿو ته اوهان کي تڪڙ آهي ڪٿي پشاور ته ناهي وڃڻو نعيم بخاري چيو ته پشاور نه پر ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻو آهي هن چيو ته آشيانه فراڊ جو نشه نويس شهبازشريف آهي عهد چيما سان گڏجي غير قانوني نموني سان منصوبو ايوارڊ ڪيو ويو نعيم بخاري چيو ته پيراگون جي نديم ضياء ۽ ڪامران ڪياني روپوش آهن هن چيو ته ڪامران ڪياني فواد حسن فواد جي ڀاءُ کي ساڍا پنج ڪروڙ رپيا ڏنا هن چيو ته شهبازشريف پهرين نيلامي کي ختم ڪيو هن چيوت ه شهبازشريف ٻي نيلامي جو عمل به روڪرائي ڇڏيو جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هاءِ ڪورٽ ضمانت جي ڪيس ۾ الزام ئي رد ڪري ڇڏيا هن چيو ته هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته سمورا ٺيڪا ميرٽ تي ڏنا ويا نعيم بخاري چ يو ته عدالتي فيصلي سان ٽرائيل متاثر ٿيندو هن چيو ته هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو صحيح نموني جائزو ناهي ورتو هن چيو ته سهبازشريف آشيانه اسڪينڊل جو ماسٽر مائنڊ آهي هن چيو ته آشيانه جو ٺيڪو بدنيتي تي رد ڪرايو ويو هن چيو ته شهبازشريف لينڊ ڊيولپمينٽ ڪمپني جي سربراهه کي گهر گهرائي هدايتون ڏنيون هن چيو ته شهبازشريف جي هدايتن تي 9 فيصلا ٿيا 8 فيصلن عهد چيما جا هٿ مضبوط ڪيا نيب جي وڪيل چيو ته فواد حسن فواد خلاف ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ جو به ڪيس آهي نعيم بخاري چيو ته فواد حسن فواد راولپنڊي ۾ عاليشان پلازه تعمير ڪيو عهد چيما جيل ۾ آهي ته شهبازشريف ۽ فواد حسن فواد ٻاهر ڪيئن رهي سگهن ٿا هن چيو ته ڪيس جا ٻه جوابدار روپوش جڏهن ته ٻه واعده معاف گواهه بڻجي ويا. دليل ٻڌڻ کان پوءِ نيب جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي شهبازشريف ۽ فواد حسن فواد کي گهرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا عدالت چيو ته شهبازشريف ۽ فواد حسن فواد ذاتي حيٿيت ۾ پيش ٿين ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 مئي تي ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں