سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن پاران 18هين ترميم تي بحث جي مخالفت، هنگامو، نعرا، واڪ آئوٽ

0Shares

ڪراچي   (چيف رپورٽر)   سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدار ت هيٺ ڪالهه ڏيڍ ڪلاڪ دير سان منجهند جو اڍائي وڳي شروع ٿيو، ان دوران پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائينديمخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته ارڙهين ترميم وارو معاملو ايڏو اهم ناهي، ان تي بحث اجايو آهي، هائوس جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ميمبرن جي خانگي بزنس کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه ڏينهن فڪس ڪيا وڃن، ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ارڙهين ترميم تي بحث اڳ ئي طئه ٿي چڪو آهي، توهان ويهي رهو، ان بعد سندس مائيڪ بند ڪيو ويو، ته مخالف ڌر جي اڳواڻ توڙي ميمبرن احتجاج ڪيو، ان بعد ميمبر پلي ڪارڊ کڻي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا جتي هنن پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي نامنظور، خوفزده، نيب زده جا نعرا هنيا، مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ شديد نعريبازي ۽ گوڙڪرڻ واڪ آئوٽ ڪيو، ان دوران صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته مخالف ڌر وارا ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا، وفاق ۾ اسد عمر هليو ويو، هي نه هتي ۽ نه وري وفاق ۾ هلي سگهن ٿا، ان بعد اسپيڪر آغا سراج دراني پ پ ميمبر غزالا سيال کي ارڙهين ترميم تي بحث جي اجازت ڏني، پ پ ايم پي اي غزالا سيال ڳالهائيندي چيو ته وفاقي وزير ارڙهين ترميم کي واپس ڪرڻ جون سازشون ڪري رهي آهي، ارڙهين ترميم وفاق ۽ صوبن کي مضبوط بڻائڻ جو وسيلو آهي،  پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه  چيو ته  اپوزيشن وارا بار بار واڪ آئوٽ ڪري وڃن ٿا،  ارڙهين ترميم تحت سمورن صوبن کي حق ڏنا ويا آهن، پ پ صوبائي خودمخياري لاءِ ڪم ڪندي رهندي،پ پ ايم پي اي سليم بلوچ چيو ته  ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ ۽ صدارتي نظام آڻڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پر منهنجو تعلق پ پ سان آهي، ان پارٽي ملڪ کي آئين ڏنو، هن چيو ته نيب جا نعرا هڻندڙن کي چوان ٿو ته پ پ نيب ۽ ٻين کان ڊڄڻ واري نه آهي،  بابر اعواڻ، لياقت جتوئي۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، رڳو ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، بحث جاري هو ته اسپيڪر وڌيڪ بحث اڄ تائين ملتوي ڪندي اجلاس اڄ منجهند جو 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري، ڪراچي ۾ واٽر پمپنگ اسٽيشن، سانگهڙ ۾ رائلٽي فنڊن جي ورهاست ۽ ڪراچي ۾ ڦرلٽ جا معاملا ڌيان ڇڪايو نوٽيسن ذريعي اٿاريا ويا،  سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحرعباسي خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش  ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 62 لک ٽن ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي، پر اگهه مقرر نه ٿيڻ ۽ خريداري سينٽر نه کلڻ ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو آهي، خوراڪ کاتو وري ڪرپشن سبب 103 ارب رپين جو قرضي ٿي ويو آهي، جنهن تي صوبائي وزير هري رام شڪوري لال جواب ڏيندي چيو ته ڪڻڪ جو معاملو ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رکيو ويندو، ان بعد ئي سينٽر کولي سگهبا، متحده ايم پي اي علي خورشيدي جي ڊسڪو واٽر پمپنگ اسٽيشن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بنا ٻڌائڻ جي ان پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪندس، جيڪڏهن کيس مليل رپورٽ غلط هوندي ته عملدارن خلاف ڪارروائي ڪندس، جي ڊي اي جي ايم پي اي  وريام فقير سانگهڙ ۾ تيل ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين پاران ملندڙ رائلٽي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته رائلٽي مان سانگهڙ خاص ڪري سنجهوري ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، ان تي جواب ڏيندي انرجي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سانگهڙ ۾ فنڊز موجود آهن،سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي  روشني ۾ فنڊز خرچ ڪرڻ لاءِ رٿائون جوڙيون ويون آهن، 70 ملين رپين جون سنجهوري لاءِ اسڪيمون آهن. متحده جي رابعه خاتون ڪراچي خاص ڪري ڪورنگي ۾ موبائيل فون جي ڦرلٽ وارن واقعن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته انهن واقعن تي ڪنٽرول لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن، ان تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته حڪومت انهن واقعن تي ڪنٽرول لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جئين اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿي سگهن، ان بعد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال 60 ماڻهو مارجي ويا آهن، پوليس جي گولين جو شڪار ٿيلن جو تعداد 6 ٿي ويو آهي، وڏي وزير کي گهرجي ته بدامني جي معاملي تي ايوان کي اعتماد ۾ وٺي،  ان دوران ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن ڳالهائيندي چيو ته  نمره واقعي ۾ ثابت ٿي ويو ته گولي پوليس جي لڳي هئي،هن واقعي مان پوليس جي ناتجربيڪاري ظاهر ٿي وئي،  ڪراچي شهر ۾ پوليس اهلڪارن کي لغام ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان تي صوبائي وزير سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته  بدنصيبي سان گذريل ڪجهه مهينن اندر 6 بيگناهه شهري پوليس جي گولين سان شهيد ٿيا، اهڙين واقعن کي روڪڻ ۾ پوليس ناڪام وئي آهي هن چيو ته هن وقت صوبائي حڪومت جو پوليس تي ڪوبه ڪنٽرول ناهي، اهو ٻڌايو وڃي ته سنڌ صوبي کي  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ الڳ ٽريٽ ڇو ٿو ڪيووڃي ,اسان اهو نه ٿا چاهيو ته پوليس پ پ جي ماتحت هجي پر پوليس کي حڪومت جي ماتحت ڪرڻ چاهيون ٿا.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں