هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر عالمي ڪپ کان اڳ معاهدي ۾ واڌ جو خواهشمند

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر عالمي ڪپ کان اڳ معاهدي ۾ واڌ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور ورلڊ ڪپ کانپوءِ قومي ٽيم سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ناهي. ذريعن موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچز جا معاهدا عالمي ڪپ تائين آهن جڏهن ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ عهديدار سان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته عالمي ڪپ کان اڳ هن جي معاهدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي مڪي آرٿر جي خواهش تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، مڪي آرٿر ان کان اڳ به وڌيڪ ڪم ڪرن جي خواهش جو اظهار ڪيترائي ڀيرا ميڊيا اڳيان به ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب قومي ٽيم جپ بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ناهي ۽ هن عالمي ڪپ کانپوءِ وڌيڪ ڪم نه ڪرڻ جو پيغام پي سي بي کي پهچائي ڇڏيو آهي. 06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں